Book Name:Namaz Mein Khushu Laney Ke 27 Madani Phool

(3): نماز جا احڪام: هن ڪتاب ۾ تقريبًا 12 رسالا شامل آهن، جن ۾ وضو، نماز، غسل، تيمّم، قضا نمازن جو طريقو، جمعو، عيدين، ۽ جنازي جي نماز جا احڪام تفصيل سان بيان ٿيل آهن.

(4): اسلامي ڀينرن جي نماز: هن ڪتاب ۾ اسلامي ڀينرن جي نماز جو مڪمل طريقو بيان ڪيو ويو آهي، ان سان گڏو گڏ انهن جي طهارت، نجاست، وضو وغيره جا احڪام به بيان ڪيا ويا آهن.

اهي چار ئي ڪتاب هر فرد ۽ هر گهر جي ضرورت آهن، اڄ ئي اهي ڪتاب مڪتبة المدينه تان قيمت ڏئي طلب ڪيو يا دعوتِ اسلامي جي ويب سائيٽ www.dawat e Islami.net تان ڊائون لوڊ ڪريو.

  12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: فجر جي لاءِ جاڳائڻ

اي عاشقانِ رسول! عاشقان رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن ۾ عملي طور حِصو وٺو! دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن ۾ هڪ ڪم آهي: ”فجر جي لاءِ جاڳائڻ“ ياد رهي! نمازِ فجر جي لاءِ ماڻهن کي جاڳائڻ آخري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي سُنَّت آهي۔ الحمد لله! دعوتِ اسلامي سان وابسته ڪثير عاشقانِ رسول هن مبارڪ سُنَّت تي عَمَل جي سَعَادت حاصِل ڪن ٿا، اوهان به پنهنجي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي هن پياري پياري سُنَّت تي عَمَل ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دُنيا جون بيشُمار ڀلائيون نصيب ٿينديون۔

فيضانِ مدينه جي لاءِ زمين ملي وئي

هڪ اسلامي ڀاء جو بيان آهي: دعوتِ اسلامي جي مَدَني قافلي سان گڏ اسان هڪ شهر ۾ وياسين، اَذانِ فَجر کان بعد اسان صداء مدينه لڳائيندي وڃي رهيا هئاسين ته اوچتو هڪ گھر مان هڪ ماڊرن (Mordern) نوجوان اسان سان گڏ شامِل ٿيو ۽ ان فَجر جي نماز مسجد ۾ باجماعت ادا ڪئي۔ بعد ۾ ان نوجوان جا والِد صاحب مَدَني قافلي وارن سان ملڻ جي لاءِ آيا، هو مالدار هئا۔ انهن اچي ٻڌايو ته صداءِ مدينه جي بَرَڪت سان منهنجو نافرمان ماڊرن