Book Name:Namaz Mein Khushu Laney Ke 27 Madani Phool

بک اڃ هجي ته مِٽائي وٺو (2) پيشاب وغيره (3) ضروري ڳالهه ٻولهه ۽ (4) فون ڪرڻ ٻڌڻ کان فارغ ٿي وٺو (5) موبائل فون سائلنٽ ڪري ڇڏيو (6) ٻارن کان پري رهو (7) شور ۽ گوڙ جي آواز کان بچڻ جي تَدۡبِير ڪيو (8) جيڪو انتظار ۾ هجي ان کي فارغ ڪري وٺو (9) سامهون واري ڀت تي نقش ۽ نگار هجي يا سامهون شيشو وغيره هجي ۽ ڌيان هٽندو هجي ته جڳهه تبديل ڪري وٺو (10) جيڪڏهن گرمي خشوع ۾ رڪاوٽ بڻجندي هجي ته پکو يا مُمۡڪِن هجي ته a.c جي ترڪيب رکو (11) سردي لڳندي هجي ته نماز ۾ گرم لباس ۽ هيٽر وغيره استعمال ڪيو (12) لباس، عمامو، چادر وغيره مان ڪا شيءِ اطمينان ۾ رڪاوٽ نه بڻجي، ان جو خيال رکو، مَثال طور لباس سوڙهو نه هجي، ان جي سختي محسوس نه ٿيندي هجي، وغيره (13) پيرن ۾ مڇرَ کائيندا هجن ته جوراب پائي وٺو (14) عِمامو يا ان کان مٿين چادر سجدي ۾ سرڪندي رهڻ يا گرمي لڳڻ يا ٻوساٽڻ وغيره جو سبب هجڻ وغيره خشوع ۾ رڪاوٽون آهن (15) کيسي ۾ موجود شين جو وزن رڪاوٽ بڻجندو هجي ته ڪڍي ڇڏيو (16) نقش ۽ نگار واري مصلَّي تي نماز پڙهڻ کان بچو (17) مصلو يا ڪارپيٽ وغيره خشوع ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجندا هجن ته هٽائي ڇڏيو يا پاڻ هٽي وڃو (18) جيڪا به شيءِ خشوع ۾ رنڊڪ وجهندي هجي ته ممڪن صورت ۾ ان کي پري ڪري ڇڏيو (19) خشوع ۾ وَسۡوَسا رڪاوٽ بڻجندا هجن ته نماز شروع ڪرڻ کان پهريان اهڙي نموني جو ٻيا نه ڏسن اهڙي طرح کاٻي ڪلهي ڏانهن ٽي ڀيرا ٿڪيو پوءِ لَا حَوۡلَ وَلَا قُوَّةَ اِلَّابِاللهِ الۡعَلِيِّ الۡعَظِيۡم پڙهو، قِيام ۾ سجدي جي جڳهه، رڪوع ۾ پيرن تي، سجدي ۾ نڪ تي قعدي ۾ جهولي ۾ نظر رکواِنْ شَــآءَالـلّٰـه وَسۡوَسَن کان بچَت ٿيندي (20) جيڪا نماز ادا ڪري رهيا آهيو اُن کي پنهنجي زندگيءَ جي آخري نماز سمجهو (21) هي ذهن بڻائي رکو ته الله پاڪ ڏسي رهيو آهي (22) مُخۡتَلِف نَمازن ۾ سُوۡرَةُ الۡفَاتِحَه کان سواءِ پڙهيون ويندڙ سورتون مَٽائي مَٽائي پڙهو (23) دوران نَماز تلاوت ۾ تَجۡوِيد جي ضروري قاعِدن تي عمل ڪيو (24) آيات ۽ اَذڪار جو هڪ هڪ اکر دُرُسۡت