Book Name:Namaz Mein Khushu Laney Ke 27 Madani Phool

الله پاڪ سيپاري 21 سورت عنڪبوت آيت 45 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

اِنَّ   الصَّلٰوۃَ    تَنۡہٰی   عَنِ   الۡفَحۡشَآءِ    وَ الۡمُنۡکَرِ ؕ

ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ نماز بي حيائي ۽ بري ڳالهه کان روڪي ٿي.

(پارہ:21، العنکبوت:45)

الله پاڪ جو فرمانِ عاليشان بغير شڪ ۽ شبهي جي حق آهي. يقينًا نماز بي حيائي ۽ بري ڳالهين کان روڪيندي آهي.

پر هڪ سوال ذهن ۾ اچي ٿو ته جيڪڏهن اسان معاشري ۾ ڏسون ته يقيناً مسلمانن جي هڪ تعداد آهي جيڪا نماز نٿي پڙهي پر ايئن به ناهي ته سڀئي مسلمان نماز نٿا پڙهن، هر محلي، هر مسجد ۾ نمازين جي تعداد ته هوندي آهي پر ڇا سبب آهي جو اڄڪلھ بيشمار نمازين جي اندر  *ماءُ پيءُ جي نافرماني،  *بي پردگي، *عرياني، *گار گند، *غيبت، *چغلي،  *فحش گوئي. *دل آزاري، *ماڻهن جي حَق تلفي،* وياج ۽ رشوت جي ڏيڻ وٺڻ وغِيره وغيره گناهن جي ڪثرت آهي! ڇا حقيقي نمازي *ڪوڙو، *ڌوڪيباز، *چغلخور، *حرام رزق ڪمائڻ ۽ * کائڻ کارائڻ وارو، * فلمن ڊرامن جو شوقين، *ميوزڪ پروگرامن ۽ * گانن باجن جو شوقين * ڏاڙهي ڪوڙائڻ يا هڪ مٺ کان گهٽائڻ وارو ٿي سگهي ٿو؟ نه..... ڪڏهن به نه..... هرگز نه. بيشڪ حقيقت هي ئي آهي ته نماز برائين کان روڪي ٿي. افسوس! اسان جي پنهنجي نمازن ۾ ڪمزوريون آهن، جنهن جي ڪري اسان نيڪ نٿا بڻجي سگهون، تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اسان *پنهنجي نماز جو جائزو وٺون، نماز جا ظاهري ۽ باطني آداب سکون ۽ *پنهنجو وضو ۽ غسل به درست ڪريون. جيڪڏهن صحيح طريقي سان باوضو باطهارت خشوع ۽ خضوع سان ان جي تمام ظاهري ۽ باطني آدابن کي ڌيان ۾ رکي اسان نماز پڙهنداسين ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه ضرور ان جون برڪتون ظاهر ٿينديون ۽ درست پڙهي ويندڙ نماز جي برڪت سان واقعي گناهن جون ظاهري ۽ باطني گندگيون دور ٿي وينديون ۽ اسان نيڪ صورت، نيڪ سيرت مسلمان بڻجي