Book Name:Itifaq Main Barkat Hai
منهن ڦيري ڇڏيو، سلام جو جواب ڏيڻ به پسند نه ڪيو. ٻئي دوست چيو: هڪ ڀيرو منهنجي ڳالهه ٻڌ! پوءِ جيڪي وڻئي اهو ڪر. چيائين: سَهي آ! ٻڌاءِ ڇا ٻڌائڻو آهي. هاڻي پهرين دوست پنهنجو غم ٻڌايو، چيو: منهنجي گهر اولاد نه هيو، ڪافي عرصي کان بعد الله پاڪ هڪ چنڊ جهڙو پٽ عطا فرمايو، گهر ۾ خوشيون ئي خوشيون هيون، پوءِ قسمت جو ڪرڻ ڪجهه ايئن ٿيو جو منهنجو اهو چنڊ جهڙو پٽ جيڪو ڪافي دعائن بعد مليو هو، اهو دم ٽوڙي ويو، جنهن وقت تون منهنجي گهر آيو هُئين، ان کان ڪجهه ئي دير پهريان انتقال ٿيو هو، گهر ۾ ڪُهرام متل هو، سڀ غم سان ورتل هئا، جڏهن تون آئين ته مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪريان، پوءِ سوچيم؛ اوهان جون موڪلون خراب نه ٿو ڪيان، تنهنڪري گهر وارن کي چپ ڪرايم، پنهنجا ڳوڙها اُگهيم توسان مليس ۽ پاڻي پياري رخصت ڪيو، ان وقت غم جو جيڪو پهاڙ مون تي ٽٽل هو، اهڙي حالت ۾ اهو ئي ڪجهه ڪري سگهيس ٿي. مون کي معاف ڪر! هي ڳالهه جڏهن دوست ٻڌي ته ان جي پيرن هيٺان ڄڻ زمين نڪري وئي، هو جيڪو پهريان سامهون واري کي غلط سمجهي رهيو هو، هاڻي کيس احساس ٿيو ته اصل ۾ غلط ته مان هيس
پيارا اسلامي ڀائرو! ايئن ٿيندو آهي، سامهون واري اسان کي سلام جو جواب نه ڏنو، بي رخي سان ڳالهايائين، پاڻي تائين نه پڇيو، اهڙين ڳالهين کي اسان پنهنجي دل ۾ رکي نپائيندا رهون، بدگماني جي باهه ۾ سڙندا رهون، ان سان صرف نفرت وڌندي آهي، سامهون واري سان ملي ڪري ڳالهه ڪريون، پنهنجي غلط فهمي يا شڪايت ان سان شيئر ڪريون، جيڪڏهن ان جي غلطي هوندي ته هو مڃي وٺندو، توهان جي غلط فهمي هوندي ته دور ڪري ڇڏيندو، اهڙي طرح تعلق، رشتو، باهمي پيار، محبت، اخوت ۽ ڀائيچارو سلامت رهندو.