Book Name:Itifaq Main Barkat Hai
جي پيدا ڪيل هر ننڍي وڏي شيءِ پاڻ ۾ هم آهنگ آهي. سج، چنڊ، تارا، هوائون، بادل، ميوو، گل، ٻوٽا، جانور وغيره انهن سڀني تي غور ڪريو! هي سڀئي هڪ خاص مقصد تحت پوري هم آهنگي سان ڪم ڪري رهيا آهن؛ زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ ڪيترو فاصلو آهي؟ تقريبًا 500 سال جي راھ، ايتري فاصلي جي باوجود ارضيات (يعني زمين تي موجود شيون) ۽ فلڪيات(يعني آسمان طرف موجود شيون) پاڻ ۾ مربوط (Connected) آهن* سج اڀرڻ لڳندو آهي، زمين تي ڏينهن اچي ويندو آهي *سج لهڻ لڳندو آهي، زمين تي رات ڇائنجي ويندي آهي *جيڪڏهن سج نه لهي ها، رات نه اچي ها، اسان جي جسمن کي آرام نه ملي ها، اهڙيءَ طرح اسان جي صحت خاص ڪري اسان جا هاضمه تباهه ٿي وڃن ٿا*جيڪڏهن سج جي روشني نه هجي ها ته زمين تي موجود شين جا رنگ نه ڏسجن ها، هر شيءِ بي رنگ نظر اچي ها*اسان جون گهڙيون سج جي رفتار سان هلنديون آهن* سج جڏهن آسمان جي وچ ۾ عين اسان جي مٿن جي مٿان گذرندو آهي ته گرمي ايندي آهي، ان سان دنيا کي حرارت ملندي آهي، وڻن، ميون ۽ گلن جي نشو و نما ٿيندي آهي، سمنڊن جو پاڻي گرم ٿي ويندو آهي، ان سان ٻاڦ ٺهندي آهي، بادل ٺهندا آهن، مينهن وسندو آهي *جڏهن سج آسمان ۾ هڪ پاسي جهڪي ڪري هلندو آهي ته ٿڌ اچي ويندي آهي* هاري زمين ۾ ٻج وجهندو آهي، هيڏانهن زمين جي اندر ٻج کي پاڻي جي ضرورت پيش ايندي آهي، هوڏانهن بادل گَرجندا آهن، مينهن وسندو آهي ۽ ٻج کي پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي *ميون جو پَچڻ *ٻوٽن جو وڏو ٿيڻ *موسمن جي تبديلي*رات ڏينهن جو گهٽجڻ وڌڻ* مد و جزر (يعني سمنڊ جو لهه چڙهه)، هي سڀ زمين تي موجود شيون آهن پر انهن سڀني جو تعلق نظامِ شمسي سان آهي *هاري حضرات جيڪي هارپو ڪندا آهن، انهن وٽ سج ۽ چنڊ جو تمام گهڻو لحاظ رکيو ويندو آهي. ملطب ته زمين تي موجود شين ۽ آسمان طرف موجود شين جو پاڻ ۾ گهاٽو ربط آهي، انهن جا هڪٻئي تي گهرا اَثر ٿيندا آهن ۽ هي ڪائنات صدين کان انهي گهاٽي ربط سان