Itifaq Main Barkat Hai

Book Name:Itifaq Main Barkat Hai

هلي رهي آهي. قدرت جي انهن عجائب کي ڏسي ڪري زبان مان بي اختيار نڪرندو آهي:

فَتَبٰرَکَ اللّٰہُ  اَحْسَنُ  الْخٰلِقِیْنَ (ؕ۱۴) (پاره:18،المؤمنون:14)

تَرجموڪَنزُالعِرفان: ته وڏي برڪت وارو آهي اهو الله جيڪو سڀني کان بهتر بڻائيندڙ آهي.

 

اي عاشقانِ رسول! شايد انهي اتفاق ۽ هم آهنگي جي برڪت آهي جو ڪائنات جي نظام جو ڪو به هدف ڪڏهن تاخير جو شڪار ناهي ٿيندو. ڪڏهن توهان ٻڌو آهي ته مالٽو جيڪو سردين جو ميوو آهي، هن ڀيري تاخير جو شڪار ٿي ويو آهي، تنهنڪري هن سال مالٽو گرمين ۾ ايندو ۽ انب جيڪو گرمين جو ميوو آهي، هن سال سردين ۾ ايندو. اسٽور ڪري رکڻ الڳ ڳالهه آهي، ميوا لڳڻ ۽ پَچڻ ۾ ڪڏهن تاخير ناهي ٿي،  واپاري ٻج وجھڻ ۾ تاخير جو شڪار ٿي سگھي ٿو، ميوا، گل، سبزيون وغيره پنهنجي وقت تي لڳندا ۽ پچندا آهن، هزارين سال گذري ويا، ڪائنات جا هدف ڪڏهن تاخير جو شڪار نه ٿيا. هي انهيءَ اتفاق ۽ اتحاد جي برڪت آهي.

ہم آہنگی سے ہے محفل جہاں کی                                                                                    اسی سے ہے بہار اس بُوْستاں کی

وضاحت: پاڻ ۾ اتفاق ۽ اتحاد جي برڪت سان ئي جهان جو نظام هلي رهيو آهي، اتفاق ۽ اتحاد جي برڪت سان ئي زندگيءَ جي باغ ۾ بهار آهي. 

اسان کي گهرجي ته پنهنجي ڪاميابي لاءِ، پنهنجي وطن عزيز جي ڪاميابي ۽ ترقي لاءِ پاڻ ۾ اتفاق ۽ اتحاد پيدا ڪريون، پاڻ ۾ گڏجي رهون، جھيڙن کان بچون، غيبت چغلي کان بچون، نااتفاقي کان بچون ۽ سڀ مسلمان گڏجي، هڪٻئي سان همدردي ڪندي، هڪٻئي جا ڏک درد ورهائيندي، خوشي غمي ۾ هڪٻئي جو سهارو بڻجندي گڏجي اتفاق ۽ اتحاد سان زندگي گذاريون، انشآءَ الله الڪريم اسان به ترقي ڪنداسين ۽ اسان جو وطن عزيز به ترقي ڪندو ويندو.