Itifaq Main Barkat Hai

Book Name:Itifaq Main Barkat Hai

هي اسلامي تہذيب جو حُسن آهي. جڏهن هي بنياد پوري طرح معاشري ۾ رچي بسي وڃي ته امير غريب جو فرق ختم ٿي ويندو آهي، معاشري ۾ لِلّٰهِيَت، اُخُوَّت، محبت، ڀائيچارو ۽ جانثاري وڌندي آهي.

اسلامي اُخُوَّت ۽ ڀائيچاري جا فضائل

 * الله پاڪ جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: روزِ قيامت الله پاڪ فرمائيندو: منهنجي جلال(يعني دنياوي غرض جي لاءِ نه بلڪ منهنجي عظمت سڃاڻيندي، منهنجي اطاعت) جي سبب پاڻ ۾ محبت رکندڙ ڪٿي آهن؟ اَڄ (يعني روزِ قيامت) جڏهن منهنجي عرش کانسواءِ ڪا به ڇانوَ ناهي، مان انهن کي پنهنجي عرش جي ڇانوَ ۾ جاءِ عطا ڪندس. [1] * حضرت معاذ بن جبل رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي، رسولِ رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: الله پاڪ فرمائي ٿو: منهنجي رضا خاطر پاڻ ۾ محبت رکندڙ، منهنجي رضا خاطر گڏجي ويهندڙ، منهنجي رضا خاطر هڪ ٻئي سان ملاقات ڪندڙ ۽ منهنجي رضا خاطر هڪ ٻئي تي خرچ ڪندڙن لاءِ منهنجي محبت واجب ٿي وئي آهي.[2]

 (1) اتفاق ۽ اتحاد وڌائڻ جا طريقا

 پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجن گهرن ۾، پنهنجي پاڙي ۾، پنهنجي معاشري ۾ اتفاق ۽ اتحاد ۽ محبت ۽ ڀائيچاري جي فضاء بڻايون، ان لاءِ ڇا ڪرڻو پوندو؟ ڪجهه طريقا عرض ڪيان ٿو.


 

 



[1] مسلم،کتاب البر والصلہ،باب فی فضل الحب،ص996،حدیث :2566۔

 [2] مؤطا امام مالک،کتاب الشعر،باب  ما جاءفی المتحابین،ص503،حدیث:1828، دار المعرفۃ بيروت۔