Book Name:Itifaq Main Barkat Hai
جي ڳالهه آهي، هڪ دفعي مسلمانن جا ٽيان خليفه حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ديوار جي پاڇي ۾ ويٺا ڪنهن گِهري سوچ ۾ گم هئا. ڪنهن چيو هو:
اس قدر ڈُوبا ہوا دِل دَرْد کی لذّت میں ہے تیرا عاشِق اَنجُمن ہی کیوں نہ ہو، خَلْوت میں ہے
وضاحت: يعني جيڪي عاشق مزاج ماڻهو هوندا آهن اهي هميشه پنهنجي محبوب جي خيالن ۾ ئي گم رهندا آهن، ڀلي ڀري محفل ئي ڇونه هجي، اهي محبوب جي يادن ۾ رهندا آهن، پنهنجي آسپاس تي انهن جو ڌيان ئي ناهي هوندو.
حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي به ڪجهه اهڙي ئي حالت هئي، هر شيءِ کان بي پرواهه بس پنهنجي ئي سوچ ۾ گُم هئا. انهيءَ دوران مسلمانن جو ٻيون خليفو حضرت فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ اتان کان لنگهيو، کين حضرت عثمان رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي سلام ڪيائون پر هو ته پنهنجي ئي سوچن ۾ گم هو، انهن کي نه فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي لنگهڻ جي خبر پئي، نه سلام جو آواز ٻڌو، تنهنڪري
جو ہوش میں نہ ہو، وہ کیا نہ کرے
جڏهن کين سلام جو احساس ئي نه ٿيو ته پاڻ جواب به نه ڏنائون. هي ڳالهه حضرت فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي کُٽڪي ته ڇا سبب آهي؟ عثمان جواب ڇو نه ڏنو (ڇا ڪا ناراضگي ٿي وئي آهي، ڇا مون کان ڪا شڪايت آهي، ڪا رنجش آهي؟ ڇا ٿي سگهي ٿو؟). فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ انتهائي ذهين ۽ عقل مند شخصيت هئا، سندن فوراً حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ وٽ پهتا، انهن کي سڄي ڳالهه ٻڌائي ته مان ائين عثمان جي ويجهو کان لنگهيس، سلام ڪيو، انهن جواب ئي نه ڏنو، نه ڄاڻ ڇا رنجش ٿي وئي آهي.
حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي به ڪمال سوچ ڏسو! پاڻ اِهو نه فرمايو ته