Book Name:Itifaq Main Barkat Hai
معمولي ڳالهه آهي، پاڻ ئي حل ڪري وٺو، مان خليفو آهيان، خلافت جا ڪم سر انجام ڏيڻا آهن وغيره وغيره، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه ائين ڪجھ نه چيو بلڪ هن معاملي کي اهميت ڏني ۽ فوراً فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي ساڻ وٺي حضرت عثمان رَضِىَ اللهُ عَنْهُ وٽ هليا ويا. ٻنهي سلام ڪيو، انهن جواب ڏنو. حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمايو: عثمان! ڇا ڳالهه آهي، توهان پنهنجي ڀاءُ جي سلام جو جواب نه ڏنو...؟ عرض ڪيائين: مون جواب نه ڏنو...!! مون ته ائين ڪجھ ناهي ڪيو. حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ چيو (مان هاڻي ته توهان وٽان لنگهيو هئس، توهان کي سلام ڪيو هو)، خدا جو قسم! توهان جواب نه ڏنو. چيائين؛ اوهان گذريا آهيو، مان اهو به نٿو ڄاڻان، اوهان سلام ڪيو آهي، مون کي ان جي به خبر ناهي.
ہم کو اپنی خبر نہیں یارو..! تم زمانے کی بات کرتے ہو
حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ معاملو سمجهي چڪا هئا، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: عثمان! شايد توهان ڪنهن سوچ ۾ گم هئا. عرض ڪيائين: ها! مان هڪ گهري سوچ ۾ گم هئس، ڳالهه هي آهي ته منهنجو هڪ سوال آهي جيڪو مون کي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کان پڇڻو هو، مان اهو سوال پڇي نه سگهيس ۽ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم دنيا مان پردو فرمائي ويا. پڇيو: اهو ڪهڙو سوال آهي؟ عرض ڪيائين: پڇڻو هي هو ته قيامت جي ڏينهن نجات جو دارومدار ڪهڙي ڳالهه تي آهي. حضرت ابوبڪر صديق صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: (عثمان! فڪر جي ڳالهه نه آهي) اهو سوال مان پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کان پڇي چڪو آهيان.
روايت ۾ آهي: جڏهن حضرت عثمان رَضِىَ اللهُ عَنْهُ هي ڳالهه ٻڌي ته خوشيءَ ۾ بيهي رهيا ۽ چيائون: اي ابوبڪر! منهنجا ماءُ پيءُ توهان تي قربان ٿين، اوهان ئي هن (هر معاملي ۾ اسان کان اڳتي وڌي وڃڻ) جا حقدار آهيو. هاڻ حضرت ابوبڪر