Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

Book Name:Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

ڇڏيندي آهي[1].

آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اَلضِّحْکُ فِی الْمَسْجِدِ ظُلُمَۃٌ فیِ الْقَبْرِ   يعني مسجد ۾ ٽهڪ ڏيڻ قبر ۾ اونداهي (آڻي) ٿو([2])

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي مسجد جو احترام ڪرڻ گهرجي. * مسجد الله پاڪ جو گهر آهي، * عبادت جي جاءِ آهي، * الله پاڪ جي ياد ۾ گُم ٿيڻ، * دنيا کان ڪٽجي پنهنجي رب جي طرف دل لڳائڻ جي جاءِ آهي. * اهڙي مقدس، * اهڙي پاڪ * ۽ انتهائي بلند مرتبه جاءِ تي اچي به جيڪڏهن اسين گناهه ئي ڪنداسين، بي ادبيون ئي ڪنداسين ته سڌرڻ ڪٿي وڃي نصيب ٿيندو؟ ان لاءِ مسجد جي احترام جي عادت بڻايو.

اعليٰ حضرت ۽ مسجد جو احترام

اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عادت مبارڪ اها هئي ته جڏهن مسجد ۾ داخل ٿيندا هئا ته هميشه ساڄو قدم پهريان رکندا هئا. ٻاهر نڪرندي وقت پهريان کاٻو قدم جتيءَ تي رکندا هئا، پوءِ ساڄي پير ۾ جُتي پائيندا هئا (ته جيئن سنت مطابق عمل ٿئي). * جڏهن به مسجد ۾ تشريف آڻيندا هئا ته هميشه وچين دروازي کان داخل ٿيندا هئا. بعض اوقات مسجد شريف ۾ پنڌ ڪندي وردَ ۽ وظيفه پڙهندا هئا ته اتر کان ڏکڻ ۽ ڏکڻ کان اتر طرف هلندا هئا، ۽ انداز مبارڪ اهڙو هوندو هو جو اتر کان ڏکڻ طرف يا ڏکڻ کان اتر طرف ڦرڻ وقت ڪعبي طرف پٺي نه ٿيندي هئي * اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مسجد جي فرش تي کُڙي ۽ آڱوٺي تي هلندا هئا ۽ ٻين کي به نصيحت ڪندا هئا ته مسجد جي فرش تي هلندي آواز پيدا نه ٿيڻ گهرجي. * هڪ صاحب، جن کي نواب صاحب چيو


 

 



[1] (مرقاۃالمفاتیح ج ۲ص۴۴۹) ۔

[2]... جامع صغیر، صفحہ:322، حدیث:5231۔