Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

Book Name:Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

پيئڻ *گهر ۾ اچڻ *گهر کان نڪرڻ وغيره جون ڪجهه بنيادي بنيادي سنتون به اسان کي ياد هجڻ گهرجن.

 ڇا مان توهان کي اهو سڀ ڪجهه سکڻ جو هڪ آسان طريقو ٻڌايان؟ الحمد لله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي هر وقت اسان کي دين سيکارڻ لاءِ مصروف آهي. عاشقانِ رسول * مسجدن ۾ * دڪانن تي * فيڪٽرين ۾ * اسڪولن ۽ ڪاليجن وغيره ۾ مدرسةالمدينه بالغان لڳائيندا آهن. *مدرسة المدينه بالغان ۾ وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن کي قرآنِ ڪريم درست تجويد ۽ قراءَت سان پڙهايو ويندو آهي * وضو، غسل، نماز ۽ جنازي نماز جا احڪام ۽ مسئلا سيکاريا ويندا آهن  * سنتون به ٻڌايون وينديون آهن ۽ * ترجمو ۽ تفسير پڙهڻ ۽ ٻڌڻ جو به موقعو ملندو آهي *حديثِ پاڪ ۾ آهي: "توهان مان بهتر اهو آهي جيڪو قرآن سکي ۽ سيکاري. ([1]) * هڪ ٻي روايت ۾ آهي: "جنهن شخص قرآنِ ڪريم سکيو، سيکاريو ۽ جيڪو ڪجهه قرآنِ ڪريم ۾ آهي، ان تي عمل ڪيو، قرآنِ ڪريم ان جي شفاعت ڪندو ۽ جنت ۾ وٺي ويندو. ([2])

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ ئي پنهنجي ويجھو ڪٿي لڳندڙ مدرسة المدينه بالغان جي معلومات وٺو! ۽ ان ۾ شرڪت جي عادت بڻايو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! وليُن جو فيضان نصيب ٿيندو، سنتون سکندا ۽ سڄي دنيا ۾ سنتن جو پيغام عام ڪرڻ وارا بڻجي ويندا. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جون چند وڌيڪ سٺيون عادتون

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جون ڪجھ سٺيون ۽ پياريون عادتون ٻڌيون، اچو ته مختصر مختصر ڪجهه اڃا وڌيڪ مبارڪ عادتون ٻڌون ٿا: *اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مذاق مسخري نه ڪندا هئا *جڏهن اُٻاسي ايندي


 

 



[1]... بخاری، کتاب فضائل القرآن، باب خیرکم من ...الخ، صفحہ:1299، حدیث:5027۔

[2]...كنزالعمال، کتاب الاذکار، الباب السابع فی تلاوۃ القرآن ...الخ، جلد:1، جز:1، صفحہ:266، حدیث:2373۔