Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

Book Name:Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

گهرجن.([1])

ساڄي هٿ سان کاڌو کائيندا ڪيو!

* نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: "جڏهن ڪو کاڌو کائي ته ساڄي هٿ سان کائي ۽ پاڻي پيئي ته ساڄي هٿ سان پيئي. ([2]) حضور نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: ڪو به شخص کاٻي هٿ سان کاڌو نه کائي ۽ نه پيئي، ڇو ته کاٻي هٿ سان کائڻ ۽ پيئڻ شيطان جو طريقو آهي. ([3])  

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

دنيا جي ذڪر کي پسند نه فرمائيندا هئا

 پيارا اسلامي ڀائرو! اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هڪ پيارِي عادت مبارڪ اها به هئي ته هميشه ديني ڪمن ۽ آخرت جي فائدي وارين ڳالهين ۾ ئي مشغول رهندا هئا. دنيا جي طرف دل لڳائڻ، ان طرف توجهه ڪرڻ ته تمام پري جي ڳالهه آهي، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي مجلس مبارڪ ۾ دنيا جو ذڪر به پسند نه فرمائيندا هئا. صدر الشريعه مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ارشاد فرمائن ٿا: جمعي کان پوءِ حاضرين جي هڪ وڏي جماعت موجود رهندي هئي، * عام طور تي ديني ڳالهيون پڇندا هئا ۽ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيه جواب ڏيندا هئا، * يا ڪنهن حديث يا آيت جي متعلق بيان فرمائيندا هئا، * ڪڏهن اولياء ڪرام جا واقعا بيان فرمائيندا هئا. حاضرين مان ڪو به شخص اهو نٿو چئي سگهي ته مون اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَي کي دنيا جي ڳالهين ۾ گفتگو ڪندي ڏٺو،


 

 



[1]... رہنمائے جدول،صفحہ:210، 211 ۔

[2]... مسلم، کتاب الاشربہ، باب اداب الطعام...الخ، صفحہ:803، حدیث:2020۔

[3]... مسلم، کتاب الاشربہ، باب اداب الطعام...الخ، صفحہ:803، حدیث:2020۔