Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

Book Name:Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

2 فرامينِ مصطفٰي صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم  (1): ايمان ۾ وڌيڪ ڪامل اُهي آهن جن جا اخلاق سٺا هجن ([1]) (2) حسنِ اخلاق کان بهتر مسلمان کي ڪا به شيءِ ناهي ڏني وئي[2].

اي عاشقانِ رسول! حسنِ اخلاق سنتِ مصطفيٰ آهي. * حضورِ اقدس صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّمَ هر ڪنهن سان خوش اخلاقي ۽ ملنساري وارو ورتاءُ فرمائيندا هئا. نه ڪڏهن دڙڪا ڏيندا نه ئي جهڻڪيندا هئا * صحابه ڪرام رَضِیَ اللہُ عنهم کي ڏسي مرڪندا، انهن سان، ۽ انهن جي ٻارن سان خوش طبعي فرمائيندا، ٻارن کي پنهنجي مبارڪ هنج ۾ ويهاريندا هئا. * مريضن جي عيادت فرمائيندا هئا. * مجلس ۾ ڪڏهن به پير ڊگهيڙي نه ويهندا هئا. * سلام ۾ اڳرائي فرمائيندا هئا * هر ڪنهن کي سٺي نالي سان سڏيندا هئا * ٻئي جي ڳالهه نه ڪَٽيندا هئا.

الله پاڪ اسان کي به اخلاقِ مصطفيٰ اپنائڻ جي توفيق عطا فرمائي.

بنا دو صبر و رضا کا پیکر                                                                                                             بنوں خوش اخلاق ایسا سرور

رہے سدا نرم ہی طبیعت                                                                                             نبیِّ رحمت شفیعِ اُمّت

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

  مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحن جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنتون سکڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر پڻ آهي۔

آؤ مدنی قافِلے میں ہم کریں مل کر سفر                                                                        سنّتیں سیکھیں گے اِس میں اِنْ شَآءَ اللہ سر بَسَر

جو بھی شیدائی ہے مدنی قافِلوں کا یاخدا!                                                                      دوجہاں میں اُس کا بیڑا پار فرما یاخدا!

 الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم



[1]...ابو داود، کتاب السنہ، باب دلیل علی زیادۃ الایمان، صفحہ:737حدیث: 4682۔

[2] شعب الایمان، باب فی حُسْنِ خلق، جلد:6، صفحہ:235، حدیث:7992۔