Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

Book Name:Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

وضاحت: اي منهنجا پيرو مرشد! اوهان جي شان ۾ جيڪو به چوان، اوهان جي شان ان کان گهڻو بلند آهي. اوهان ته الله پاڪ جي معرفت جا جام تقسيم ڪرڻ وارا آهيو. اوهان جي تقوا ڏسي حضرت صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي ياد تازي ٿي وڃي ٿي. اوهان کي ڇو نه سڀني کان وڌيڪ متقي ۽ پرهيزگار چوان؟ اوهان ته مون کي سڀني کان وڌيڪ متقي ۽ پرهيزگار لڳو ٿا. هي (عبد) عليم (ميرٺي) اوهان جي در جو هڪ ننڍو فقير آهي، اوهان ئي ان جي حال تي نظرِ ڪرم فرمائڻ وارا آهيو.

 صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                               صَلَّی اللہُ   عَلٰی مُحَمَّد

شاهه عبدالعليم ميرٺي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جو تذڪرو

پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي اسان منقبت جا جيڪي اشعار ٻڌا اهي اعلٰي حضرت  رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خليفي اسلام جي مبلغ شاهه عبدالعليم ميرٺي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا آهن * سندن ديني ۽ دنياوي علم رکڻ وارا * ڪيئي زبانن جا ماهر * 12 کان وڌيڪ ڪتابن جا مصنف * بهترين خطيب * ۽ هڪ ماهر عالمِ دين هئا * سندن تبليغِ اسلام جي لاءِ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سفر ڪيو * پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڪوششن سان صاحبِ اِقتدارحضرات سميت تقريبًا 50 هزار غيرمسلم مسلمان ٿيا * سندن 1310هه ۾ هندوستان جي شهر ميرٺ ۾ پيدا ٿيا ۽ 22 ذوالحج الحرام 1374هه مديني ۾ سندن انتقال ٿيو *  ۽ تدفين جنت البقيع ۾ ٿي. ([1])

احسان جو بدلو ڏيندا ڪيو!

 پيارا اسلامي ڀائرو! اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هن ڪرامت واري واقعي مان ٻه ڳالهيون سکڻ لاءِ ملن ٿيون: (1): اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام تقوٰي وارا هئا، الله پاڪ جو گهڻو قرب رکڻ وارا هئا، تڏهن ئي ته ربِّ رحمٰن جي سندن تي عنايت


 

 



[1]... تذکرہ اکابرِ اہلِ سنت،صفحہ: 236تا242ملخصاً۔