Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

Book Name:Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

مُردي کي قبر ۾ پهريون تحفو

* پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کان ڪنهن پڇيو: مؤمن جڏهن قبر ۾ داخل ٿيندو آهي ته ان کي پهريون تحفو ڪهڙو ڏنو ويندو آهي؟ ته ارشاد فرمايائون: ان جي جنازي نماز پڙهندڙن جي مغفرت ڪئي ويندي آهي. ([1]) رسولِ عربي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جڏهن ڪو جنتي شخص فوت ٿيندو آهي، ته الله پاڪ حيا ڪندو آهي ته انهن ماڻهن کي عذاب ڏئي جيڪي ان جو جنازو کڻي هليا ۽ جيڪي ان جي جنازي پٺيان هليا ۽ جن ان جي جنازي نماز ادا ڪئي.[2] * هڪ ٻي حديثِ پاڪ ۾ آهي: جيڪو شخص (ايمان جي تقاضا سمجهي ڪري ۽ ثواب جي نيت سان) پنهنجي گهر مان جنازي سان گڏ هلي، جنازي جي نماز پڙهي ۽ دفن ٿيڻ تائين جنازي سان گڏ رهي ان لاءِ ٻه قيراط ثواب آهي، جن مان هر قيراط اُحد (جبل) جي برابر آهي ۽ جيڪو شخص صرف جنازي جي نماز پڙهي واپس اچي ته ان لاءِ هڪ قيراط ثواب آهي.([3])

ڏسو! هي ڪيترا پيارا پيارا فضائل آهن، جنازي نماز پڙهڻ جون ڪيتريون نيڪيون آهن...!! اسان ڪنهن جي جنازي نماز پڙهون، ڇا خبر ته اهو جنتي هجي ۽ ان جي صدقي اسان به بخشيا وڃون...!! پر افسوس! اسان کي ته جنازي نماز پڙهڻ ئي نه ٿي اچي، اسان کي ته جنازي نماز جون دعائون ئي ياد ناهن. پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي اهي ڳالهيون سکڻيون آهن! اسان الحمد للہ! مسلمان آهيون ۽ مسلمان لاءِ ته هي سڀ کان بنيادي ڳالهيون آهن. * وضو جو طريقو اسان کي ايندو هجي *وضو جا فرض اسان کي معلوم هجن *وضو جون سنتون معلوم هجن *نماز جو طريقو ايندو هجي *نماز جا فرض ۽ واجبات اسان کي ايندا هجن *درست تجويد ۽ قراءَت سان قرآنِ ڪريم پڙهڻ اسان سکيو هجي *جنازي نماز اسان کي ايندي هجي *سُمهڻ جاڳڻ *کائڻ


 

 



[1]... شُعَبُ الْاِیمان ، باب فی الصلاۃ علی من مات...الخ، جلد:7، صفحہ:7، حدیث:9257۔

[2] اَلْفِردَوس بمأثور الْخِطاب ج۱ص۲۸۲حدیث۱۱۰۸۔

[3]...مسلم، کتاب الجنائز، باب فضل الصلاۃ علی الجنازۃ و اتباعہا، صفحہ:340، حدیث:945۔