Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

Book Name:Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

دعوت عام ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي * قافلي جي برڪت سان دعائون پوريون ٿينديون * مشڪلاتون ٽرنديون * ۽ بيمارين کان شفا ملڻ جا به سوين واقعا آهن *اهو به ٿيو آهي ته مدني قافلي ۾ سفر ڪندڙ عاشقانِ رسول جي حوصله افزائي لاءِ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڪرم فرمايو، خواب ۾ تشريف آندائون ۽ قافلي ۾ شريڪ اسلامي ڀائرن کي ديدار جو جام پياري ڇڏيو.

اسان مدني قافلي ۾ سفر ڪريون، ڪهڙي خبر اسان تي به ڪرم ٿي وڃي. گهٽ ۾ گهٽ هر مهيني 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر جي نيت ڪريو! اچو! ترغيب لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا.

باغ جو جهولو

حيدرآباد جي هڪ محلّي ۾ علائقائي دوري جي دعوت کان متاثر ٿي هڪ ماڊرن نوجوان مسجد ۾ اچي ويو. بيان ۾ مدني قافلن ۾ سفر ڪرڻ جي ترغيب ڏني وئي ته هن مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ لاءِ نالو لکرائي ڇڏيو. اڃا قافلي ۾ سندس روانگي ۾ ڪجهه ڏينهن باقي هئا ته قضاءِ الٰهي سان سندس انتقال ٿي ويو. ڪنهن اهلِ خانه مرحوم کي خواب ۾ هن حالت ۾ ڏٺو ته هو هڪ سرسبز باغ ۾ نهايت خوش آهي ۽ جھولو جھولي رهيو آهي. خواب ڏسندڙ کانئس پڇيو، هتي ڪيئن آيا آهيو؟ ان نوجوان جواب ڏنو: دعوتِ اسلامي جي مدني قافلي سان آيو آهيان، الله پاڪ جو وڏو ڪرم ٿيو آهي، منهنجي امڙ کي ٻڌائي ڇڏجو ته هو منهنجو غم نه ڪري، مان هتي تمام گهڻو سڪون سان آهيان.

لوٹنے رحمتیں   قافلے میں   چلو                                                                                               سیکھنے سنتیں   قافلے میں   چلو

پاؤگے بخششیں   قافلے میں   چلو                                                                                          جنّتیں   بھی ملیں، قافلے میں   چلو

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد