Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

Book Name:Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

ته ڪيتري به جلدي هجي، بظاہر بي خيالي جو گهڻو امڪان هجي پر * سندن جي سوچن تي، سندن عادتن، سندن خيالن تي هر وقت سنت جو تصور ڇانيل هوندو هو. اهڙي جلدي جي حالت ۾ به مسجد جي هر حصي تي ساڄي قدم سان ابتدا ڪندا هئا.

ڪاش! اسان کي به مسجد جو اهڙو ادب نصيب ٿي وڃي. افسوس! اڄڪلهه ته حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي ويون آهن، ماڻهو مسجد جو احترام تمام گهٽ ڄاڻن ٿا. * مسجد ۾ داخل ٿيڻ جون سنتون ڪهڙيون آهن؟ * مسجد مان ٻاهر نڪرڻ جون سنتون ڪهڙيون آهن؟ مسجد ۾ رهڻ جون سنتون ڪهڙيون آهن؟ تمام گهٽ ماڻهن کي ان جي ڄاڻ هوندي آهي، پوءِ حالات به ڏسو! * ڪو مسجد ۾ ڳالهيون ڪري رهيو آهي، * ڪو ڏاڍيان ڳالهائي رهيو آهي، فضول ڳالهين ۾ لڳل آهن، * ميوزيڪل ٽون مسجد جي اندر وڄي رهيون آهن. الحمد لله! مسجد شيطان کان بچڻ جو مضبوط قلعو آهي، پر افسوس! اسان سنت نه اپنائينداسين ته هتي به نفس ۽ شيطان جي چنبي ۾ ڦاسي وينداسين. افسوس! * هاڻي ته مسجدن ۾ لڙائي جھيڙا به ٿي وڃن ٿا، * غيبتون به ٿين ٿيون، * چغليون به ٿين ٿيون * ڪرڻ وارا کل ڀوڳ به ڪري وڃن ٿا. حديث پاڪ ٻڌو! ۽ سوچيو، عبرت وٺو ته اهو ڪيترو وڏو گناهه آهي.

انهن کي الله پاڪ سان ڪو ڪم ناهي

 آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِه وَ سَلَّم فرمايو: ماڻهن تي هڪ زمانو اهڙو ايندو جو مسجدن ۾ دنيا جون ڳالهيون ٿينديون، توهان انهن سان گڏ نه ويهو ڇو ته انهن کي الله پاڪ سان ڪو ڪم ناهي([1]).

مباح ڳالهيون نيڪين کي کائي ڇڏينديون آهن

 حضرت ملا علي قاري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نقل ڪن ٿا: اَلْکَلَامُ الْمُبَاحُ فِی الْمَسْجِدِ مَکْرُوْہٌ یَا کُلُ الْحَسَنَاتِ  يعني مسجد ۾ مباح (يعني جائز) ڳالهه ڪرڻ مڪروه آهي ۽ نيڪين کي کائي


 

 



[1]...شُعَبُ الایمان ، باب فی الصلوات، فصل المشی الی المسجد، جلد:3، صفحہ:87، حدیث:2962۔