Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

Book Name:Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

ويندو هو، مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاءِ آيو ۽ بي پرواهيءَ سان پنهنجي لٺ مسجد جي فرش تي ڦٽي ڪري ڇڏي، جنهن جي آواز حاضرين ٻڌي. اعليٰ حضرت فرمايو: "نواب صاحب! مسجد ۾ زور سان قدم رکي هلڻ به منع آهي، پوءِ ڪٿي لٺ کي ايترو زور سان ڦٽو ڪرڻ؟" نواب صاحب واعدو ڪيو ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!! آئنده ائين نه ٿيندو. ([1])

آنے دیتے تھے تساہل کو نہ دینی کام میں                                                 کیونکہ بے حد سخت تھے وہ شرح کے احکام میں

باجماعت کرتے مسجد میں نمازیں وہ ادا                                                            سردی ہو، گرمی ہو، چاہے دور ہو برسات کا

گھر سے اکثر جایا کرتے تھے وہ فرما کر وضو                                                   بیٹھتے تھے باادب مسجد کے اندر قبلہ رُو

سُبْحٰنَ اللہ! الله پاڪ اسان کي به مسجد جي اَدب ۽ احترام جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

 صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

ساڄي هٿ سان ڏيندا ۽ وٺندا هئا

اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عادت مبارڪ هئي ته هميشه ساڄي هٿ سان ئي ڪجهه ڏيندا ۽ وٺندا هئا. مَلِڪُ العُلماء، خليفو ۽ اعليٰ حضرت جو شاگرد مفتي سيد محمد ظفرالدين بِهاري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  پنهنجي ڪتاب "حياتِ اعليٰ حضرت" ۾ لکن ٿا: جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا شيءِ ڏيڻي هوندي هئي، ۽ ان وٺڻ لاءِ کاٻو هٿ اڳتي وڌايو، ته اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فوراً پنهنجو مبارڪ هٿ روڪي ڇڏيندا ۽ فرمائيندا هئااڄي هٿ سان وٺو، کاٻي هٿ سان شيطان وٺندو آهي. ([2])


 

 



[1]...فیضانِ اعلیٰ حضرت، صفحہ:121۔

[2]... حیات ِاعلیٰ حضرت،جلد:1، صفحہ:189۔