Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

Book Name:Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

سُبْحٰنَ اللہ!  ڇا شان آهي منهنجي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو...!!

مصطفیٰ کا دُلارا ہمارا رضا                                                                                                                 غوثِ اعظم کا پیارا ہمارا رضا

جس کو سب اچھے کہتے ہیں اچھے میاں                                               ہے اس اچھے کا اچھا ہمارا رضا

غم نہیں حشر سے مجھ کو کچھ اے محبّؔ!                                              ہے مدد کرنے والا ہمارا رضا

ڇا اسان جنازي جي نماز سکي  ورتي...؟

پيارا اسلامي ڀائرو! سکڻ جي ڳالهه آهي...! حديثن ۾ جنازي نماز جون جيڪي به دُعائون ذڪر ٿيل آهن، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي سڀئي زباني ياد هيون ۽ جڏهن پاڻ جنازي نماز پڙهائيندا هئا ته ميت جي خير خواهي ڪندي، اهي سڀئي دُعائون پڙهندا هئا.

ھاڻي غور ڪريو؛ * ڇا اسان کي جنازي نماز جي صرف هڪ دعا ياد آهي؟   * جنازي نماز ۾ فرض ڪيترا آهن؟ * ان جو رڪن ڇا آهي؟ *جنازي نماز جي نيت ڪيئن ڪندا آهن؟ * جنازي نماز واري ثناء ڪهڙي آهي؟ *جنازي نماز وارو درودِ پاڪ ڪهڙو آهي؟ * بالغ مرد ۽ عورت جي جنازي جي دعا ڪهڙي آهي؟ * نابالغ ٻار ۽ ٻارڙي جي جنازي واري دعا ڪهڙي آهي؟ ڇا هي سڀ ڪجهه اسان کي معلوم آهي؟ افسوس! اسان دين کان ايترو پري ٿي ويا آهيون جو اڄ گهڻن مسلمانن کي جنازي نماز جو طريقو نه ٿو اچي، عموماً جڏهن جنازي نماز پڙهندا آهن ته امام صاحِب ان جو طريقو ٻڌائيندا آهن پر ٻئي ڀيري وري وسري ويندو آهي.

 توهان کي خبر آهي؟ جنازي نماز فرضِ ڪفايه آهي. ڪٿي ميت ٿي، جيڪڏهن ڪنهن هڪ به ان جي جنازي جي نماز پڙهي ورتي، تڏهن ته سڀني جو فرض لهي ويو ۽ جيڪڏهن ان جي جنازي نماز نه پڙهي وئي ته جنهن جنهن تائين اطلاع پهتو، سڀ گنهگار ٿيندا. ([1])


 

 



[1]...بہارِ شریعت، جلد:1، صفحہ:825، حصہ:4۔