Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

Book Name:Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

سنّتِ نبوی کا تھا اِظْہَار یہ اِک اِک عمل                                                                     وہ نِفاذِ شرع ِ اسلامی میں کرتے تھے پہل

اَلغَرض، وہ تھے صفاتِ عالیہ سے مُتَّصِف                                                 اُن کا ہر سیرت نگار اِس کا رہا ہے مُعْتَرِف

اصل میں وہ تھے تَصَوُّف اور طریقت کے امیں                            پھر نہ کیوں اُن کی ہستی قابلِ صد آفریں

تھا نہ تھوڑا بھی تَضاد اقوال اور افعال میں                                                               سنتِ نبوی کی کرتے پیروی ہر حال میں

ساڄي هٿ سان ڏيڻ وٺڻ جي عادت ٺاهيو!

 پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گهرجي ته ڪجھ به وٺڻو هجي يا ڏيڻو هجي، ڪو به عزت وارو ڪم هجي، ساڄي هٿ سان ڪرڻ جي عادت بڻايون. * حضرتِ ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: "توهان مان هر هڪ ساڄي هٿ سان کائي، ساڄي هٿ سان پيئي، ساڄي هٿ سان وٺي، ۽ ساڄي هٿ سان ڏي، ڇوته شيطان کاٻي هٿ سان کائيندو، کاٻي هٿ سان پيئندو، کاٻي هٿ سان ڏيندو ۽ کاٻي هٿ سان وٺندو آهي. ([1])

* حضرت عائشہ صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْهُا فرمائن ٿيون ته، "نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  ساڄي پاسي کان وضو ڪرڻ پسند فرمائيندا هئا ۽ ائين ئي ڪنگو به ساڄي طرف کان ڪندا هئا، ايستائين جو نعلين شريفين(جوتا) به جڏهن پائڻ جو ارادو فرمائيندا هئا ته پهريان ساڄو قدم جوتي ۾ داخل فرمائيندا هئا." ([2])

صرف هي ٽي ڪم ئي نه بلڪ جيترا به عزت ۽ تڪريم وارا ڪم آهن، نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ساڄي طرف کان ئي شروع ڪرڻ پسند فرمائيندا هئا. تنهنڪري * لباس پائڻ، * مسجد ۾ داخل ٿيڻ، * مٿي ۽ مُڇين وغيره جا وار ڪٽڻ * مسواڪ ڪرڻ، * ننهن ڪٽڻ، * اکين ۾ سرمو وجهڻ، * ڪنهن کي ڪا شيءِ ڏيڻ يا وٺڻ، * کاڌو پيتو وغيره وغيره ڪم ساڄي هٿ سان ڪرڻ


 

 



[1]... ابن ماجہ، کتاب الاطعمہ، باب الاکل بالیمین، صفحہ:532، حدیث:3266۔

[2]... شمائل محمدیہ، باب ماجاء فی نعل رسول اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ، صفحہ:189، حدیث:85 ۔