Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

Book Name:Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

تُو نے باطل کو مٹایا اے امام احمدرضا                                          دین کا ڈنکا بجایا اے امام احمدرضا

اہلِ سنّت کا  چمن  سر سبز  تھا  شاداب  تھا                               تازگی تُو اور لایا اے امام  احمد رضا

تُونے باطل کو مٹا کر دین کو بخشی جِلا                                                     سنّتوں کو پھر جِلایا اے امام احمدرضا

حشر تک جاری رہے گا فیض مرشِد آپ کا                   فیض کا  دریا بہایا اے امام احمدرضا([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

سچن سان گڏ ٿي وڃڻ جو قرآني حڪم

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ قرآن پاڪ ۾ اسان کي سچن سان گڏ رهڻ جو حڪم ڏنو آهي. سيپارو: 11، سورة توبه، آيت: 119 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰہَ وَ کُوْنُوْا مَعَ  الصّٰدِقِیْنَ (۱۱۹)

ترجموڪَنْزُالعِرْفان: "اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ سچن سان گڏ ٿي وڃو."

مشهور مفسّرِقرآن، حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيت ڪريمه جي تفسير ۾ چيو آهي ته هن آيت ۾ "صَادِقِيۡن" (يعني سچن) مان 3 قسم جا ماڻهو مراد آهن: (1) صحابه ڪرام (2) عاشقانِ رسول علماء ۽ (3) اولياء ڪرام. ([2])  هاڻي آيت جي معنيٰ هيئن ٿيندي: اي ايمان وارؤ! صحابه سان گڏ رهو، اي ايمان وارؤ! عالمن سان گڏ رهو،! اي ايمان وارؤ! اولياءُالله سان گڏ رهو.

پوءِ هن مقام تي هڪ ٻي ڳالهه سمجهڻ جي آهي، اها هيءَ ته "گڏ رهڻ" مان ڇا مراد آهي؟ عموماً ڪنهن سان گڏ رهڻ جا 2 مطلب هوندا آهن:

(1) جسماني طور گڏ رهڻ (2) دلي طور گڏ رهڻ


 

 



[1]... وسائلِ بخشش، صفحہ:452۔

[2]...تفسیر نعیمی، پارہ:11، سورۂ توبہ، زیرِ آیت:119، جلد:11، صفحہ:115 ملخصاً۔