Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

Book Name:Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

اهڙيءَ طرح ڪندا هئا جو جنازي جي دوران ۽ جنازي کان بعد ميت لاءِ ڪثرت سان دعا گهرندا هئا. منقول آهي: اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جنهن خوش قسمت جي جنازي جي نماز پڙهائيندا هئا، ته حاضرين کي ايئن محسوس ٿيندو هو ڄڻ سندن پنهنجي زوردار شفاعت سان ان جي مغفرت ڪرائي رهيا آهن ۽ تمام دير تائين جنازي جي نماز پڙهندا هئا. ظاهري سبب ان دير جو اهو هوندو هو ته اهي سڀ دعائون جيڪي حديثن ۾ آيون آهن، سڀ پڙهندا هئا. ([1])

ڪاش! هو منهنجو جنازو پڙهائن

هڪ سيد صاحب هئا، هُو فرمائيندا هئا: هر انسان کي پنهنجي زندگي تمام پياري هوندي آهي ۽ مون کي به پنهنجي زندگي تمام پياري آهي پر صرف ان سبب ڪري ته اعليٰ حضرت منهنجي جنازي جي نماز پڙهائي مون کي بخشرائن. مان چاهيان ٿو ته منهنجو انتقال اعليٰ حضرت جي زندگيءَ ۾ ٿئي ۽ سندن منهنجي جنازي جي نماز پڙهائين، جيڪا منهنجي مغفرت ۽ بخشش جو سبب بڻجي. ([2])

بخشش جو سبب ڇا بڻيو......؟

 بريلي شريف ۾ نواب عزيز احمد نالي هڪ صاحب رهندو هو. انهن جي زندگي بظاهر نيڪ عمل ڪندي نه گذري هئي، جڏهن سندن انتقال ٿيو ته اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهن جي جنازي جي نماز پڙهائي. بعد ۾ نواب عزيز احمد صاحب جي زال کين خواب ۾ ڏٺو. ڇا ڏسن ٿيون ته نواب صاحب تمام سٺي حالت ۾ آهن. بيبي صاحبه پڇيو: توهان جي بخشش جو سبب ڪهڙو ٿيو؟ نواب صاحب چيو: اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه منهنجي جنازي جي نماز پڙهائي ۽ ايتريون دعائون ڪيائون جو منهنجا سڀ گناهه بخشرائي ڇڏيائون! ([3])


 

 



[1]... فیضان اعلیٰ حضرت، صفحہ:181۔

[2]... فیضان اعلیٰ حضرت ، صفحہ:181۔

[3]... فیضان اعلیٰ حضرت، صفحہ:181۔