Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

Book Name:Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

ٿي ۽ غيبي خزانو کين عطا ڪيو ويو (2): ٻئي اها ڳالهه به سکڻ لاءِ ملي ته جيڪڏهن ڪو اسان سان نيڪي ڪري ته اسان کي به گهرجي ته ان جي بدلي ۾ ان سان اڃا وڌيڪ نيڪي ڪريون. ڏسو! مولانا عبدالسّلام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ هزار روپيا نذرانو پيش ڪيو ته اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهن کي صرف هڪ هزار  واپس نه ڪيو، بلڪ * مولانا عبدالسّلام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهکي * ان جي اهلِ خانه کي * ننهن ڌيئرن کي * سڀني ملازمن کي روپين، پئسن ۽ زيورن سان مالا مال فرمائي ڇڏيو.سُبْحٰنَ الله! ان کي سخاوت چوندا آهن...!!

وَ فِیْ اَمْوَالِهِمْ حَقٌّ ہر اِک سائل کا حق ٹھہرا

نہیں پھرتا کوئی مَحْروم ایسے باسخا تم ہو

بھکاری تیرے در کا بھیک کی جھولی ہے پھیلائے

بھکاری کی بھرو جھولی گدا کا آسرا تم ہو

وضاحت: الله پاڪ جي فرمان وَالَّذِیْنَ فِیْۤ اَمْوَالِهِمْ حَقٌّ (۽ اهي جن جي مال ۾ هڪ معلوم حق آهي) (پاره: 29، سوره معارج: 24) جي مطابق اميرن جي مال ۾ هر محتاج جو حق هوندو آهي. اوهان ته اهڙا سخي آهيو جو توهان جي دربار مان ڪو به سوالي خالي هٿين واپس نه ويندو آهي. هي (عَبۡدُالۡعَليم) تنهنجي در جو فقير پنهنجي جھولي ڦهلائي بيٺو آهي، ان جي جھولي ڀريو ڇو ته ان جا آسرا صرف اوهان آهيو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

پياري نبي جي هڪ پياري سُنَّت

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گهرجي ته جيڪڏهن ڪو اسان تي مهرباني ڪري، ڪو تحفو ڏئي، ڪو ڀلائي سان پيش اچي ته بدلي ۾ اسان به ان کي ڪو تحفو پيش ڪيون بلڪ سنت طريقو اِهو آهي ته تحفو ڏيندڙ کي ان کان به