Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

Book Name:Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

سنت جا پابند

 پيارا اسلامي ڀائرو! اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهجي مقدس عادتن جي هڪ خصوصيت اها آهي ته سندن پنهنجي زندگي جي بنياد سنتِ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي رکيل هئي، هر هر ڪم ۾ سنت کي اپنائڻ جي ڀرپور ڪوشش فرمائيندا هئا ۽ ڪهڙي ڪهڙي انداز ۾، ڪهڙي ڪهڙي حالات ۾ سنتن تي عمل ڪندا هئا؟ ٻڌو! سيّد ايوب علي صاحب جو بيان آهي: هڪ ڏينهن فجر جي نماز جو وقت هو، ماڻهو جماعت جي انتظار ۾ ويٺا هئا، خلافِ عادت اڄ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي اچڻ ۾ ڪجهه دير ٿي وئي، سڀني جون نظرون سندن گهر جي طرف لڳل هيون. انهيءَ دوران پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جلدي جلدي تشريف کڻي آيا. ان وقت مولانا قناعت علي مون کي چوڻ لڳا: هن تنگ وقت ۾ ڏسڻو آهي ته اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  ساڄو قدم مسجد ۾ پهريان رکن ٿا يا کاٻو...!! هاڻي اسان جون نظرون سندن پير مبارڪ جي طرف هيون. سُبْحٰنَ اللہ! قربان وڃو! اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سنتن سان محبت ڪهڙي نرالي هئي، * هاڻي مسجد جي ڏاڪڻ تي جڏهن پير مبارڪ پهچندو آهي ته ساڄو، * مسجد جي فرش تي پير پهچندو آهي ته به ساڄو،* فرش جي هڪ حصي کان ٻئي حصي تي پير پهچندو آهي ته به ساڄو، * اڳتي مسجد جي صحن ۾ هڪ صف وڇايل هئي، ان تي پير پهچندو آهي ته به ساڄو ۽ انهيءَ تي بس ناهي، هر صف تي پهريان ساڄو پير ئي رکيو، * ايستائين جو محراب ۾ تشريف کڻي آيا، * مصلي تي به پير رکيو ته پهريان ساڄو ئي پير رکيو. ([1])

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! سنت ته اها آهي ته جڏهن مسجد ۾ داخل ٿيو ته پهريان ساڄو قدم اندر رکو. اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سنت سان محبت ڏسو


 

 



[1]...فیضانِ اعلی حضرت، صفحہ:120 بتصرف۔