Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

Book Name:Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

هميشه ڪو نه ڪو ديني تذڪرو ئي ٿيندو هو. ([1])

سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙي پياري ادا آهي. دنيا ان قابل آهي ئي ڪونه ته ان جي ڳالهه ڪجي، الله وارا آخرت جا طلبگار هوندا آهن، تنهنڪري ديني ۽ اُخروي ڳالهيون ئي ڪندا آهن. افسوس! اڄڪلهه ته ڳالهين جو موضوع صرف دنيا، دنيا ۽ دنيا ئي رهجي ويو آهي. ڪنهن وٽ ويهو ته * ڪو حڪومتن جا تذڪرا ڪرڻ لڳي ٿو * ڪو اوڀر ۾ ويهي اولهه جا قصا ڇيڙي ٿو * ڪو حالتن جو روئڻ روئي ٿو * ڪو پنهنجي دنياوي ڪاميابين ۽ ڪارنامن جون ڪهاڻيون کڻي ويهي ٿو. ڪاش! اسان کي فڪرِ آخرت ملي وڃي.

ذڪر ته ڪنهن شيءِ جو ڪيو ويندو آهي

 هڪ ڀيرو ڪنهن شخص حضرت رابعه بصريه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سامهون دنيا جو تذڪرو ڪيو ته فرمايائون: "قابلِ قدر شيءِ جو ذڪر ڪيو ويندو آهي، جنهن جي ڪا حيثيت ئي نه هجي، ان جو ذڪر ناهي ڪيو ويندو." ([2])

معلوم ٿيو ته دنيا جي ذڪر کان بچڻ ئي بهتر آهي، ان جي جاءِ تي ذڪرُ الله ڪريو! سبحان الله، الحمدلله وغيره جي تسبيح ڪريو، ڇو ته ان سان ثواب ملندو.[3]

ذکر و درود ہر گھڑی وِردِ زباں رہے                                                                      میری فضول گوئی کی عادت نکال دو([4])

اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه دعائون ڪندا هئا

پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هڪ نرالي عادت مبارڪ ٻڌو! اعليٰ حضرت امام اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هر مسلمان لاءِ انتهائي شفيق هئا،


 

 



[1]... فیضان اعلیٰ حضرت ، صفحہ: 174۔

[2]...تاريخ الاسلام للذہبی، جلد:4، صفحہ:548۔

[3] تاريخ الاسلام للذهبى، الطبقة الثامنة عشرة،٤١٥٠-رابعة العدوية، ٤/٥٤٨

[4]...وسائلِ بخشش، صفحہ:245۔