Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

Book Name:Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

وڌيڪ تحفو پيش ڪيو وڃي. جي ها، اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو اهوئي انداز مبارڪ هوندو هو، جڏهن ڪو سندن خدمت ۾ تحفو پيش ڪندو هو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي ان کان وڌيڪ تحفو عنايت فرمائيندا هئا. حديث پاڪ جي مشهور ڪتاب ترمذي شريف ۾ آهي ته هڪ اعرابي پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي هڪ اُٺ جو تحفو پيش ڪيو ته سندن ان کي بدلي ۾ 6 اُٺ تحفي طور عطا ڪيا([1])

ڪڏهن ڪڏهن ايئن ٿيندو آهي ته سامهون واري اسان کي تحفو ته ڏئي ڇڏيو پر هاڻي اسان وٽ ڏيڻ لاءِ ڪجهه آهي ئي نه، ته هاڻي ڇا ڪريون؟ اهڙي موقعي تي  سامهون واري کي دعائون ڏيون ڇوته دعا مؤمن جو هٿيار آهي. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

 اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مختصر تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! اي عاشقانِ رضا! الحمد لله! اڄ 25 صَفَرُ الْمُظَفر جي رات آهي. اسان جا رهنما، سنّين جا پيشوا اعلى حضرت امامِ اهلسنت شاهه امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عرس شريف جي رات آهي. اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪير آهن؟ * اهي عاشقن جا امام آهن، * سنّين جا امام آهن، * عالمَن جا امام، * عابدن جا امام، * زاهدن جا امام، * تقوٰي وارن جا امام، * فقهاء، مُحدِّثين، مفسّرين جا امام آهن، * سندن مجتهد هئا، * مجدد هئا، * مفسّر هئا، * مُحدِّث هئا، * تمام وڏا عالم هئا، * تمام ذهين مفتي هئا، * قرآن جا حافظ هئا ۽ سڀ کان وڌيڪ مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا سچا عاشق هئا۔


 

 



[1]...ترمذی،ابواب المناقب ...الخ، باب مناقب فی ثقیف...الخ،صفحہ:883،  حدیث:3947 ملتقطاً۔