Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

Book Name:Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

هئي ته آڱر ڏندن ۾ وجهي وٺندا ۽ ڪا به آواز نه ڪڍندا هئا * گرڙي ڪندي وقت کاٻو هٿ ڏاڙهي جي وارن تي رکي مٿو جھڪائي پاڻي وات مان ڪڍندا هئا * ڪعبي ڏانهن رخ ڪري نه ٿُڪندا هئا * قبلي طرف پير نه ڊگهيڙيندا هئا * نمازون عمامو پائي پڙهندا هئا * مسواڪ ڪندا هئا * سندن ظاهر ۽ باطن هڪ جهڙو هوندو هو، جيڪو دل ۾ هوندو هو، اهوئي زبان تي آڻيندا هئا، جيڪو زبان سان چوندا هئا، ان تي عمل به ڪندا هئا * دين جي معاملي ۾ ڪنهن جي رعايت (لِحاظ)نه فرمائيندا هئا * سندن غير مسلمن جي حق ۾ تمام سخت پر سُنِّي عاشقانِ رسول جي حق ۾ تمام شفيق ۽ نرم دل هئا * عاشقانِ رسول علماءِ ڪرام سان ملاقات ٿيندي هئي ته ڏسي خوش ٿيندا ۽ انهن جي وڏي عزت ڪندا هئا *ڪوبه صاحب بيت الله شريف جو حج ڪري سندن خدمت ۾ حاضر ٿيندو هو ته انهن کان پهريان اهو پڇندا هئا ته سيدِ عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاهه ۾ حاضري ڏني؟ جيڪڏهن هو ها چوندا هئا ته فوري طور انهن جا قدم چمندا هئا. * ميلادِ مصطفيٰ جي محفل ۾ اول کان آخر تائين دو زانو (يعني التحيات جي صورت ۾) ويٺل رهندا هئا، صرف صلوات و سلام جي وقت اٿي بيهندا هئا * سندن در تان ڪو به سوالي خالي نه ويندو هو۔([1])

حُسنِ سیرت سے مُزَّین تھے امام احمدرضا                                              مُنْفَرِد اُن کے خَصائل اور نِرالی تھی ادا

اُن کی جملہ خوبیوں پر خوبیوں کو نَاز تھا                                                                     کیونکہ اُن کی زندگی کا مُنْفَرِد انداز تھا

پیکرِ خُلق و مُرَوَّت، ذات تھی قُدْسِی صِفات                                        عِطر آگیں اور پاکیزہ تھے اوراقِ حیات

پاک طِیْنَت، نیک خصلت،نرم دل،سادہ مِزاج             حُسنِ کردار و عمل کا خوبصورت اِمْتِزَاج

تھے حَلِیمُ الْطَبع وہ، اِخلاق تھا کافی بلند                                                                     اِس لئےاہلِ محبّت  اُن کو کرتے ہیں پسند

الله پاڪ اسان کي به اهڙيون پياريون پياريون عادتون اپنائڻ، سنتون سکڻ ۽ ٻين کي سيکارڻ جي توفيق عطا فرمائي.

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافلو

پيارا اسلامي ڀائرو! الحمدلله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي دنيا ۾ دين جو پيغام عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي. * دِل ۾ عشقِ رسول جي شمع روشن ڪرڻ *صحابه ۽ اهلِ بيت جو فيض حاصل ڪرڻ *غوث ۽ خواجه جو فيض حاصل ڪرڻ *۽ امام احمد رضا جو فيض حاصل ڪرڻ لاءِ، توهان به دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! خوب وڌي ڪري 12 ديني ڪمن ۾ عملي طور تي حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!! دين ۽ دنيا جون

 



[1]... فیضان ِاعلیٰ حضرت، صفحہ:112، 113۔