Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

Book Name:Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

بيان ٻڌڻ جون نيّتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔ [1]

   اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس  * بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس  * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                           صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

وظيفي جي صندوقچي(ننڍي پيتي) يا غيبي خزانو

هڪ ڀيري جو ذڪر آهي ته اعليٰ حضرت امامِ اهلِ سنت شاه امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي خليفي حضرت عبدُالسّلام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دعوت تي جبل پور تشريف وٺي ويا. حضرت مولانا عبدُ السّلام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ اڇي وڏي پليٽ ۾ 1 هزار روپيا رکيو ۽ نذراني طور اعليٰ حضرت کي پيش ڪيو .ان دور ۾ 1 هزار روپيا تمام وڏي رقم هئي. اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اهو نذرانو قبول ڪيو ۽ حاجي ڪفايتُ الله صاحب کي فرمايو ته، ان کي سنڀالي رکو ۽ منهنجي وظيفي جي صندوقچي کڻي اچو...!!  اها تقريباً هڪ فٽ ڊگهي صندوقچي هئي، جيڪا اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي سندن پير صاحب کان ملي هئي. ان ۾ لکيل وظيفا رکندا هئا، جيڪي سندن فجر کان پوءِ پڙهندا هئا. ان کان علاوه صندوقچي ۾ نه ڪجهه رکڻ جي جاءِ هئي، نه ئي ڪجهه رکيو ويندو هو.


 

 



[1] مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔