Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

Book Name:Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

احباب جا نمبر آهن. ڇا ڪڏهن اسان انهن ماڻهن لاءِ به دعا ڪئي آهي؟ ڇا ڪڏهن دعا جي وقت انهن ماڻهن جو خيال اسان کي آيو آهي؟ هي گهڻو پري جي ڳالهه ناهيان ڪري رهيو، هي اهي ماڻهو آهن جن سان اسان جو ڪٿي نه ڪٿي تعلق آهي يا رهيو آهي. اسان انهن لاءِ به دعا ناهيون ڪندا. اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي شان ڏسو! سندن پنهنجي عزيزن، دوستن، ۽ ايستائين جو پنهنجي مريدن جي نالن جي به هڪ لسٽ ٺاهي آهي ۽ قربان وڃون! فرمائن ٿا: "اهي سڀئي نالا مون کي زباني ياد آهن ۽ مان روزانو نالن سان انهن لاءِ دعائون ڪندو آهيان.

مسلمانن جي لاءِ دعا ڪندا ڪيو!

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي مسلمان ڀائرن جي لاءِ دعائون ڪندا ڪيون، ان جي عادت بڻايون. اسان جي آقا ۽ موليٰ، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو مسلمان مردن ۽ عورتن جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪري، الله پاڪ ان کي هر مسلمان مرد ۽ عورت جي عيوض هڪ نيڪي عطا فرمائيندو. ([1])

سُبْحٰنَ اللہ!  اندازو لڳايو! حضرت آدم عليه السلام کان وٺي اڄ تائين اربين، کربين مسلمان دنيا ۾ اچي چڪا آهن. صرف ايتري دعا ڪرڻي آهي: اَللّٰہُمَّ اغْفِرْ لِیْ وَ لِکُلِّ مُؤْمِنٍ وَمُؤْمِنَۃٍ (ياالله پاڪ! منهنجي ۽ سڀني مسلمان مردن ۽ عورتن جي مغفرت فرماءِ). ان دعا جي برڪت سان، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  اربين کربين نيڪيون هٿ اچي وينديون. الله پاڪ توفيق عطا فرمائي.  اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

جنازي ۾ ڪثرت سان دعا گهرندا هئا

پيارا اسلامي ڀائرو! اعليٰ حضرت، امام اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه دردمند دل رکندا هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اڪثر جنازن ۾ شرڪت ڪندا هئا ۽ ميت سان همدرديءَ جو اظهار


 

 



[1]...جامع صغیر، صفحہ:513، حدیث:8419۔