Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

Book Name:Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

”ڪلام رضا “موبائل ايپلي ڪيشن

  اي عاشقانِ رسول! اَلحَمۡدُلله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جديد ٽيڪنالوجي جي ذريعي به علمِ دين عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن حوالي سان دعوتِ اسلامي جي I.T ڊيپارٽمنٽ جي طرفان مختلف ايپلي ڪيشنز جاري ڪيون ويون آهن، هنن ۾ هڪ ايپلي ڪيشن آهي: Klam-e-Raza (ڪلامِ رضا). هن ايپلي ڪيشن ۾ امام اهل سُنت اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مشهور زمانه نعتيه مجموعو حدائق بخشش کي حروفِ تهجي جي ترتيب تي شامل ڪيو ويو آهي. هن ايپلي ڪيشن ۾ پنهنجو مطلوبه ڪلام سرچ (search) ڪرڻ * مخصوص ڪلامن کي آڊيو ويڊيو ۾ ٻڌڻ ڏسڻ * ۽ پسنديده ڪلامن کي فيورٽ (Favorite) ڪري الڳ سان محفوظ ڪرڻ جي سهولت به موجود آهي. * هن ايپلي ڪيشن ۾ مدني چينل (Madani Chanal)تي هلڻ واري سلسلي نغماتِ رضا (جنهن ۾ حدائق بخشش جي منتخب ڪلامن جي شرح بيان ڪئي وئي آهي ان) کي به شامل ڪيو ويو آهي * مڪمل ڪلام يا منتخب شعر کي سوشل ميڊيا (Social Media) تي آساني سان شيئر ڪري سگهجي ٿو. هن ايپ کي ڊائون لوڊ ڪيو ۽ پنهنجي دل کي الله پاڪ جي آخري نبي رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت ۾ روشن ڪيو.

   صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                               صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

چند ضروري اعلانات

  پيارا اسلامي ڀائرو! عظمتن واري، فضيلتن واري، برڪتن واري، شانن واري مبارڪ مهيني ربيع الاوّل شريف جي آمد بس ٿيڻ ئي واري آهي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  عاشقان رسول پنهنجي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو جشنِ ولادت جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا. هن مبارڪ مهيني ۾ جشن ولادت ملهائڻ