Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

Book Name:Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

خير! حاجي ڪفايتُ الله صاحب اها صندوقچي پيش ڪئي. اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان کي پنهنجي سامهون رکي ڇڏيو، ٿورو ڍڪڻ کڻي پنهنجو ساڄو هٿ اندر وڌو. اللهُ اڪبر...!! ائين لڳندو هو ڄڻ اها صندوقچي نه پر ڪو غيبي خزانو آهي...!! اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان مان پئسا ڪڍندا ويندا ها ۽ هڪ هڪ ڪري مولانا عبدُ السلام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سڀني ملازمن کي ڏيندا رهيا. اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڏي سخاوت سان پئسا ورهايا. پوءِ انهيءَ تي بس نه ڪئي بلڪ * مولانا عبدُ السّلام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي گهرواري، * انهن جي نُنهن *  ۽ سندن ٻارڙين لاءِ زيور به اُنهيءَ ننڍڙي صندوقچي مان ڪڍي عطا فرمايا ۽ * سڀ کان ننڍي ٻار لاءِ سُبيل ڪرتو ۽ ٽوپي به اُنهيءَ مان ڪڍي عطا ڪئي. مولانا حسنين رضا خان صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: نه صرف مولانا عبدُ السّلام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لاءِ بلڪ خاص خاص سيٺ صاحبان جي ٻارڙين لاءِ به ڪافي زيور سندن اُن صندوقچي مان ڪڍي عطا فرمايا. اسان سڀ حيران هئاسين ته هي زيور اعليٰ حضرت ڪڏهن خريد ڪيا ۽ ڪڏهن هن صندوقچي ۾ رکيا. [1]

کسی کا دَر دیکھتے نہیں ہیں، کسی سے کچھ مانگتے نہیں ہیں

بڑے غنی ہیں، بڑے سخی ہیں فقیر آقا تری گلی کے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

  غيبي خزانا حاصل ڪرڻ جو آسان نسخو

پيارا اسلامي ڀائرو! هن ننڍڙي صندوقچي ۾ هي خزانو ڪٿان آيو؟ ڪيئن آيو؟ هي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڪرامت آهي. الحمد لله! الله پاڪ جا ولي اهي هوندا آهن، * جو دنيا ڏانهن نظر ناهن ڪندا * الله پاڪ تي مڪمل


 

 



[1] فیضان اعلیٰ حضرت،ص177۔