Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

Book Name:Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

چاهي پنهنجو هجي يا پرايو، سڀني لاءِ شفقت ۽ خيرخواهي جو عظيم جذبو رکندا هئا. پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجن غلامن جو اهڙو خيال رکندا هئا جو سندن پنهنجي * عزيزن * قريبن، * چاهيندڙن ۽ * خاص خاص مريدن جي نالن جي هڪ ڊگهي لسٽ ٺاهي هئي. فجر جي نماز کان پوءِ پنهنجي اوراد ۽ وظائف جي آخر ۾ انهن سڀني لاءِ نالي سان دعا ڪندا هئا. ماڻهن کي اها تمنا هوندي هئي ته انهن نالو به هن لسٽ ۾ شامل ٿي وڃي. سيد ايوب علي صاحب ارشاد فرمائن ٿا ته: هڪ ڏينهن مان تمام پريشان هئس، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بارگاهه ۾ دعا لاءِ عرض ڪيم. سندن دعا فرمائي ۽ گڏوگڏ مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ سيد قناعت علي کي فرمايو: 'توهان ٻنهي جا نالا به مون دعا جي لسٽ ۾ شامل ڪيا آهن جيڪا آهستي آهستي تمام ڊگهي ٿي وئي آهي. اهي سڀئي نالا مون کي زباني ياد آهن، روزانو نالي سان سڀني لاءِ دعا ڪندو آهيان.. ([1])

سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙي پياري ادا آهي...! اسان ٿورو پنهنجي پاڻ تي غور ڪريون، گهڻو پري وڃڻ جي ضرورت ناهي، ڪنهن ڏينهن بس پنهنجي موبائل جو جائزو وٺو! موبائل مان (Contact List)کوليو! ڏسو! ان ۾ ڪيترن ماڻهن جا نمبر محفوظ آهن، يقيناً جن جو نمبر محفوظ آهي، ڪنهن نه ڪنهن وقت توهان جو انهن سان ڪجهه تعلق ضرور رهيو هوندو. هاڻي ٿورو غور ڪيو! جڏهن اسين نماز پڙهون ٿا، پنهنجي رب جي حضور دعا لاءِ هٿ مٿي کڻون ٿا، اسين پنهنجي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه گهري رهيا هوندا آهيون، مثلاً * مولى! مون کي دنيا جون ڀلايون به عطا فرماءِ *مولى! مون کي آخرت جون ڀلايون به عطا فرماءِ * مولى! منهنجي گهر ۽ ٻارن جو ڀلو ڪر* اي ربِ ڪريم! منهنجي ٻارن جي خير فرماءِ *   منهنجي اهل و عيال جي خير فرماءِ.

ڪڏهن غور ڪيو! هي جيڪي اسان جي موبائل ۾ ايترا نمبر محفوظ آهن، انهن ۾ اسان جي ڀائرن جا نمبر آهن، عزيز رشتيدارن جا نمبر آهن، دوست


 

 



[1]... فیضان اعلیٰ حضرت ، صفحہ:180۔