Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

Book Name:Ala Hazrat Ki Pyari Adatein

ڀروسو رکندا آهن، * انهيءَ ڏانهن پوري توجهه لڳائيندا آهن، * الله پاڪ کان خوب ڊڄندا آهن، * تقويٰ اختيار ڪندا آهن ته الله پاڪ کين غيب مان اسباب فراهم ڪندو آهي. الله پاڪ قرآن شريف ۾ فرمائي ٿو:

وَ  مَنْ یَّتَّقِ اللّٰہَ  یَجْعَلْ لَّہٗ  مَخْرَجًا ۙ(۲) وَّ یَرْزُقْہُ  مِنْ حَیْثُ لَا یَحْتَسِبُ ؕ

(پاره:28، سورة طلاق:2، 3)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ جيڪو الله کان ڊڄي الله ان لاءِ نڪرڻ جو رستو بڻائي ڇڏيندو. ۽ ان کي اتان کان رزق ڏيندو جتي ان جو گمان به نه هوندو.

اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: دستِ غيب (يعني غيب مان رزق ۽ روزي ملڻ) لاءِ ماڻهو وڏا مشڪل مشڪل وظيفا ڪندا آهن، بلڪه وهمي ڳالهين جي پويان پوندا آهن، جڏهن ته ان جو سڀ کان اعلى عمل، قطعي عمل، يقيني عمل جنهن جو ابتڙ ممڪن نه آهي ۽ سڀني عملن مان آسان ترين آهي، هي پاڻ الله پاڪ قرآن شريف ۾ ارشاد فرمايو آهي ته جيڪو الله پاڪ کان ڊڄي، تقويٰ ۽ پرهيزگاري اختيار ڪري، الله پاڪ ان لاءِ هر مشڪل کان نجات جو رستو ڪڍندو آهي ۽ ان کي اتان کان رزق ڏيندو، جتان کان ان جو گمان به نه هوندو.[1]

تمہاری شان میں جو کچھ کہوں اُس سے سِوا تم ہو

قَسیمِ جامِ عِرفاں اے شَہ احمد رضا تم ہو

عیاں ہے شانِ صدیقی تمہاری شانِ تَقْوٰی سے

کہوں اَتْقٰی نہ کیوں کر جبکہ خَیْرُالْاَتْقِیَاء تم ہو

علیمِؔ خَسْتَہ اک ادنی ٰ گدا ہے آستانہ کا

کرم فرمانے والے حال پر اس کے شہا تم ہو


 

 



[1] فتاویٰ رضویہ، ج۲۱۔