Book Name:Shafaat e Mustafa
نبيءِ رحمت، شفيعِ اُمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان مشڪل ترين وقت ۾ به اسان گنھگارن کي بخشرائڻ ۽ جنّت ۾ پهچائڻ جي لاءِ ميدانِ محشر ۾ موجود هوندا. اعليٰ حضرت جا ڀاءَ، مولانا حسن رضا خان رحمةُ اللهِ عَلَيْه ان وقت جي ڪيفيت (Situation) کي شعرن جي صورت ۾ هيئن بيان ڪن ٿا:
کسی کے پَلَّہ پہ یہ ہوں گے وقتِ وزن ِعمل کوئی اُمِّید سے منہ اُن کا تک رہا ہو گا
کوئی قریبِ ترازو، کوئی لبِ کوثر کوئی صِراط پر اُن کو پُکارتا ہو گا
ہزار جان فِدا نرم نرم پاؤں سے پُکار سُن کے اَسِیْروں کی دوڑتا ہو گا
عزیز بچہ کو ماں جس طرح تلاش کرے خُدا گواہ یہی حال آپ کا ہو گا ([1])
الله پاڪ ڪروڙين رحمتون نازل فرمائي اسان جي آقا محمدِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي، جڏهن آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي هڪ اُمّتي کي جهنّم ۾ ويندي ڏسي ڪري پڪاريندا ته حضور جانِ رحمت، شمعِ بزمِ هدايت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جواباً ارشاد فرمائيندا: لَبَّیْکَ یَا اَبَا الْبَشَر! اي تمام انسانن جا والد! لبيڪ...! حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم فرمائيندا: هي اوهان جو اُمتي آهي، ملائڪَ هن کي جهنّم جي طرف وٺي وڃي رهيا آهن.
بازارِ قیامت میں جنہیں کوئی نہ پوچھے ایسوں کا خریدار ہمیں تُو نظر آیا
اسان جا آقا و مولا، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي هي صدا ٻُڌي ڪري ملائڪن وٽ تشريف کڻي ايندا ۽ فرمائيندا: اي منهنجي رب جا ملائڪو! تَرسو...!! ملائڪَ عرض ڪندا: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اسان