Book Name:Nekiyon Mein Jaldi Kijiye
ٻڌندس *جيڪو ٻڌندس اهو ياد رکندس، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! تمام گهڻو برڪت وارو مهينو رجب المرجب جنهن کي حديث پاڪ ۾ الله جو مهينو فرمايو ويو آهي۔ ([1]) الحمد لله! هن برڪتن واري مهيني جي آمد ٿيڻ واري آهي۔ امير اهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ رجب جي مهيني کي رمضان المبارڪ جو دروازو قرار ڏيندا آهن. يعني جڏهن هي مبارڪ مهينو اچي وڃي ته سمجهو رمضان المبارڪ جي آمد بلڪل ويجهو ٿي چڪي آهي۔ نبين جي نبي، رسولِ هاشمي، مڪي مدني، محمدِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو انداز مبارڪ هو ته جڏهن رجب جو مهينو ايندو ته هي دعا پڙهندا هئا :
اَللّٰہُمَّ بَارِکْ لَنَا فِی رَجَبٍ وَّ شَعْبَانَ وَبَلِّغْنَا رَمَضَان
ترجمو: اي الله پاڪ! تون اسان کي رجب ۽ شعبان ۾ برڪتون عطا فرماءِ ۽ اسان کي رمضان تائين پهچاءِ. ([2])
اچو! اسان به اها دعا پرهي وٺون ٿا :
اَللّٰہُمَّ بَارِکْ لَنَا فِی رَجَبٍ وَّ شَعْبَانَ وَبَلِّغْنَا رَمَضَان
آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
مشهور مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه حديث پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا : هن دعاءِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مطلب هيءُ آهي ته : اي الله پاڪ! * رجب ۾ اسان جي عبادتن ۾ برڪت عطا ڪر، * شعبان ۾ خشوع و خضوع