Nekiyon Mein Jaldi Kijiye

Book Name:Nekiyon Mein Jaldi Kijiye

ويو، انهن جي ئي خواهش تي سندن نالو حسن رکيو ويو۔ ([1])   * سندن والدہ محترمه مسلمانن جي امڙ سائڻ حضرت امِ سلمہ رَضِیَ اللهُ عَنْهَا جي خادمه هئي.([2])           * منقول آهي: جڏهن امام حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي والده محترمه ڪنهن ڪم ۾ مشغول هونديون هيون ۽ پاڻ روئندا هئا، ته اُمّ المؤمنين حضرت اُمّ سلمه    رَضِیَ اللهُ عَنْهَا فرطِ محبت ۾ چپ ڪرائڻ لاءِ کين پنهنجو کير پيارينديون هيون.([3])    * عالمن جو چوڻ آهي ته اُمُّ المؤمنين حضرت اُم سلمه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا جي واسطي سان امام حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار    صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فيض حاصل ٿيو، جنهن جي برڪت سان انهن کي بيمثال علم، عمل ۽ تقوى نصيب ٿي، سندن زبان تي حڪمت ڀريون ڳالهيون جاري ٿينديون هيون ۽ پاڻ معرفتِ الٰهي (يعني الله پاڪ جي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ) ۾ بلند مقام تي فائز ٿيا۔([4])

 امام علي بن حسين (يعني امام زين العابدين رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ) کي هڪ ڀيرو امام حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو هڪ قول ٻڌايو ويو، جنهن تي امام زين العابدين     رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ فرمايو : سُبْحٰنَ اللہِ! ہٰذَا کَلَامُ الصِّدِّیق (هي ته ڪنهن صديق جي گفتگو آهي)۔ ([5])  

 صديق ولايت جو سڀني کان اعليٰ رتبو آهي، يعني امام حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ولايت ۾ صديق جي درجي تي فائز هئا۔ * رجب المرجب 110 هجري ۾ انهن جو وصال ٿيو، وصال وقت سندن عمر مبارڪ 88 سال هئي۔ بصره ۾ جمعي جي نماز کان پوءِ انهن جي جنازي نماز پڙهي وئي، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾


 

 



[1]... تذکرۃُ الْاَوْلیَاء ،جلد:1، صفحہ:34 ۔

[2]... سِیَرُ اَعْلام ِالنُّبَلاء،جلد:5،صفحہ:457 ملتقطًا۔

[3]... آداب الحسن البصری، صفحہ:23بتغیر۔

[4]... آداب الحسن البصری، صفحہ:23بتغیر۔

[5]... آداب الحسن البصری، صفحہ:23-24۔