Book Name:Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?
سبحٰن الله! هونئن به چئي سگهجي پيو ته مون پنهنجي پٽ جو نالو ابراهيم رکيو پر پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان نالي جي چونڊ جي حڪمت به گڏ بيان فرمائي، ڄڻ اهو ٻڌايو ويو ته اي منهنجا غلامؤ! مان امام الانبياء ٿي ڪري نبيءَ جي نالي تي نالو رکي رهيو آهيان ته توهان به پنهنجن ٻارن جا نالا بزرگن جي نالن تي رکندا ڪيو.“ لهٰذا اسان کي به گهرجي ته پنهنجن ٻارن جا نالا بزرگن، نيڪ ماڻهن، صحابه ڪرام ۽ اولياء الله جي نالن تي رکون : * پنهنجن ٻارن جو نالو محمد رکو* ابوبڪر، عمر، عثمان، علي رکو * معاويه رکو بلڪه امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَہ فرمائن ٿا: معاويه علي، معاويه حسن، مُعاويه حسين رکو*عبدالقادر، غلام غوث، غلام محي الدين، يا عبيد رضا جهڙا خوبصورت نالا رکندﺆ ته ان شاءَ الله الڪريم! برڪتون حاصل ٿينديون.
اولاد جو ٻيو حق : اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفىٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو پنهنجن ٻارن کي قرآن سيکاريو.....!!
هي سيکارڻ جي ڳالهه آهي، قرآن سيکاريو، الله پاڪ جو ڪلام سيکاريو. بدقسمتي سان اڄڪلهه ماڻهن جي توجہه قرآن کان هٽي رهي آهي. هيڏانهن هوڏانهن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون سيکاريندا آهن، طرح طرح جا ڊپلوما ۽ مختلف ڪورس ۽ نه ڄاڻ ڇا ڇا سيکاريندا آهن، قرآن نه سيکاريندا آهن. ٺيڪ آهي سائنس، ڪمپيوٽر وغيره ۽ دنياوي علم سکڻ ۾ ڪا خلافِ شرع ڳالهه نه هجي ته ڪو حرج ناهي پر پهريان قرآن ته سيکاريو. اسان الحمدلله! مسلمان آهيون ۽ مسلمان لاءِ سڀ کان ضروري تعليم قرآن جي تعليم آهي. هڪ شاعر چيو آهي:
گَرْ تُوْ مِیْ خَواہِیْ مُسْلمَاں زِیْسْتَنْ نِیْسْتْ مُمْکِنْ جُزْ بَہ قُرْآں زِیْسْتَنْ