Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?

Book Name:Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?

اي عاشقانِ رسول ! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو ته! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجهه سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، نيت ڪيو ته! *الله جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس *باادب ويهندس *خوب توجهه سان بيان ٻڌندس *جيڪو ٻڌندس اهو ياد رکندس، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                                     صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

پهريان نافرماني تو ڪئي

روايت ۾ آهي: هڪ دفعي هڪ شخص پنهنجي پُٽَ کي ساڻ ڪري مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: اي اميرالمومنين! منهنجو هي پُٽ منهنجي تمام گھڻي نافرماني ڪندو آهي، اهو ٻڌي ڪري فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ کي ڪاوڙ اچي وئي، پاڻ ڇوڪري کي ڌڙڪا ڏيندي فرمايائون: ڇا تون الله پاڪ کان نه ٿو ڊڄين؟ ...!! پيءُ جا ڪيترا ئي  حق آهن (اهو چوندي پاڻ پيءُ جا ڪيئي حق بيان ڪيا). ڇوڪرو خاموشيءَ سان نصيحتون ٻڌندو رهيو، پوءِ عرض ڪيائين: اي اميرالمومنين! والدين جا حق ته آهن، ڇا اولاد جا به ڪجهه حق آهن...؟ پاڻ فرمايائون: هائو! بلڪل. پيءُ تي حق آهي ته * سٺي اخلاق واري عورت سان شادي ڪري ته جيئن اولاد کي ماءُ جي ڪري شرمندگي نه ٿئي * جڏهن اولاد نصيب ٿئي ته ان جو سٺو نالو رکي * ۽ ان کي ڪتاب الله (يعني قرآن مجيد) جي تعليم ڏياري. پُٽَ عرض ڪيو: اي امير المؤمنين! منهنجي والد هي ٽئي ڪم نه ڪيا. اُنهن منهنجو نالو جُعَلا (يعني ضدي ۽ جڳهڙالو) رکيو ۽ مون کي قرآن ڪريم جي هڪ آيت به نه سيکاريائون.

هاڻي حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ پيءُ جي طرف متوجهه ٿيا ۽ فرمايائون: تون