Book Name:Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?
گهرجي ته پنهنجي اولاد جي بهتر تربيت تي ڀرپور توجهه ڏيون.
آخري نبي محمد عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ارشاد آهي توهان سڀ نگران آهيو ۽ توهان مان هر هڪ کان ان جي ماتحت فردن جي باري ۾ پڇيو ويندو بادشاهه نگران آهي ان کان ان جي رعايا جي باري ۾ پڇيو ويندو* ماڻهو پنهنجي اهل و عيال جو نگران آهي ان کان ان جي اهل و عيال جي باري ۾ پڇيو ويندو* عورت پنهنجي مڙس جي گهر ۽ اولاد جي نگران آهي ان کان ان جي باري ۾ پڇيو ويندو. (بخاري)
خبر پئي ته اولاد جي تربيت جي متعلق به قيامت جي ڏينهن پڇا ڪئي ويندي، سوال ڪيو ويندو اي ٻانها! توکي اولاد ڏني وئي هئي تو ان کي ڇا سيکاريو...؟ روايتن ۾ آهي : ٻانهو جڏهن دنيا مان هليو ويندو آهي ته جيڪڏهن نيڪ اولاد ڇڏي ويندو ته سندس اولاد جي نيڪين جو ثواب ٻانهي کي قبر ۾ به ملندو رهندو آهي ۽ جيڪڏهن اولاد جي سٺي تربيت نه ڪئي هوندائين ۽ سندس اولاد گناهن ۽ عياشين ۾ مصروف رهڻ واري هوندي ته اولاد جي گناهن جو وبال ان ٻانهي کي به ٿيندو آهي.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي گهرجي ته اولاد جي سٺي تربيت ڪريون پنهنجي اولاد کي سٺيون ڳالهيون سيکاريون.
هونئن هي به هڪ مسئلو آهي، تقريباً هر والد چاهيندو آهي ته مان پنهنجي اولاد جي تربيت بهتر نموني ڪيان. اڪثر والد جي زبان تي هوندو آهي ته: مان چاهيان ٿو ته جيڪو مان نه ڪري سگهيو آهيان اهو مهنجو پُٽ ڪري. اهڙي خواهش