Book Name:Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?
يافته هوندا ته اولاد جي تربيت پاڻ مرادو ٿيندي رهندي مسئلو هي آهي ته * اسان وٽ والدين کي ئي قرآن پڙهڻ نه ايندو آهي، والدين پاڻ ئي تلاوت نه ڪندا آهن، ته اولاد قرآن پاڪ ڏانهن ڪيئن ايندي؟ * جنهن جي پنهنجي نماز درست نه هوندي، اهو ٻئي ڪنهن کي ڪيئن درست نماز پڙهڻ سيکاريندو؟ *جيڪو پاڻ کائڻ پيئڻ، لباس پائڻ ۽ ٻيا ڪم سنت مطابق ڪرڻ جو عادي نه هوندو، اهو پنهنجي اولاد کي سنتن جو عامل ڪيئن بڻائيندو؟ *جيڪو پاڻ روزن جا مسئلا نٿو ڄاڻي، اهو پنهنجي اولاد کي ڇا سيکاريندو؟
تنهنڪري ضروري آهي ته اسان پنهنجي تربيت ڪيون، پنهنجو ايمان مضبوط ڪيون، پاڻ نماز جا پابند بڻجون، پنهنجا اخلاق سنواريون، پاڻ سنتن تي عمل ڪريون، پاڻ پنهنجي آخرت جو فڪر ڪريون. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ٻارن جي سٺي تربيت به گڏوگڏ ٿيندي رهندي.
اسان کي پنهنجي تربيت ڪيئن ڪرڻي آهي؟ تمام آسان طريقو آهي، عاشقانِ رسول سان گڏ قافلن ۾ سفر ڪندا رهو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! *اخلاق سنورجي ويندا * ڪردار سٿرو ٿيندو * علمِ دين سکڻ نصيب ٿيندو*سنتون سکڻ ۽ سيکارڻ جو موقعو ملندو * سنتن تي عمل ڪرڻ جو جذبو ملندو*خوفِ خدا نصيب ٿيندو * قبر ۽ آخرت جو فڪر نصيب ٿيندو * پاڻ نيڪ نمازي بڻجي ويندﺆ ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! سمورو گهر سڌري ويندو.
پيارا اسلامي ڀائرو! ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن توهان پنهنجي اولاد جي بهتر تربيت ڪرڻ چاهيو ٿا ته انهن لاءِ 4 ميم بهتر ڪيو