Book Name:Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?
ڏٺي آهي، موت جو ڪهڙو ڀروسو...!! ڪهڙي خبر سڀاڻي موت اچڻ بجائي اڄ اچي وڃي. ان ڪري ٻارن جي آخرت بهتر ڪرڻ بابت به تربيت ٿيڻ گهرجي. اسان ٻارن جي دنيا بهتر ڪرڻ جو فڪر ڪندا آهيون، جڏهن ته حڪم ڇا آهي؟ اسان پنهنجي آخرت کي به بهتر ڪرڻ جو فڪر ڪيون ۽ ٻارن کي پڻ اهڙو فڪر ڏيون. سيرتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو هڪ تمام خوبصورت واقعو ٻڌايان ٿو.
روايت آهي : پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عادت مبارڪ هئي ته سفر سيده فاطمة الزهرا رَضِیَ اللهُ عَنْهَا جي گهر مبارڪ کان شروع ڪندا هئا ۽ واپسيءَ تي پڻ سڀ کان پهريان انهن جي گهر تشريف وٺي ويندا هئا.
اها به اسان جي تربيت آهي، غور ڪيو؛ پياري آقا، مڪي مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي شهزادي صاحبه سان ڪيڏي محبت هئي. ڪاش! اسان به پنهنجن نياڻين سان خوب محبت ڪيون. خير! هڪ ڀيري پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سفر کان واپس تشريف کڻي آيا، سيده فاطمة الزهرا رَضِیَ اللهُ عَنْهَا جي گهر پهتا، ڏٺائون ته دروازي تي خوبصورت نقش ۽ نگار سان سينگاريل پردو ٽنگيل آهي ۽ حسنينِ ڪريمين رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا جن جي هٿن ۾ چانديءَ جي ٺهيل ڪا شيءِ آهي. اهو ڏسي پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن سان ملڻ جي بغير ئي واپس هليا ويا. سيده فاطمة الزهرا رَضِیَ اللهُ عَنْهَا کي اندازو ٿي ويو، پاڻ فوراً اهو پردو لاٿو، حسنينِ ڪريمن رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا کان اها چانديءَ جي شيءِ واپس ورتي ۽ بارگاھِ رسالت ۾ موڪلي ڇڏي.
جيئن ته حسنين ڪريمين رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا ننڍا شهزادا هئا، انهن کان اها شيءِ واپس ورتي وئي ته اهي ٻئي روئڻ لڳا، روئيندي بارگاهِه رسالت ۾ حاضر ٿيا، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ صحابيءَ کي اها چاندي عطا فرمائي ۽ حڪم ڏنو : ان کي