Book Name:Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?
وضاحت: مسلمان بڻجي جيئڻ چاهيو ٿا ته قرآن کان سواءِ اهو ممڪن نه آهي.
تنبيه الغافلين ۾ آهي : سمرقند جي هڪ عالم، حضرت ابو حفصرَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه وٽ هڪ ماڻهو آيو ۽ چوڻ لڳو: منهنجي پٽ مون کي ماريو آهي ۽ ڏک ڏنو آهي. انهن حيرت مان پڇيو: ڇا ڪڏهن پٽ به پيءُ کي ماريندو آهي؟ ان ماڻهوءَ جواب ڏنو جي ها! ايئن ئي ٿيو آهي. حضرت ابو حفص رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پڇيو ڇا تو پنهنجي پٽ کي علم ۽ ادب سيکاريو آهي؟ اُن شخص انڪار ۾ جواب ڏنو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پڇيو: ڇا قرآنِ ڪريم سيکاريو آهي؟ هن ٻيهر انڪار ۾ جواب ڏنو جنهن تي پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پڇيو پوءِ هو ڇا ڪندو آهي؟ ان شخص جواب ڏنو : هو ٻني ٻارو ڪندو آهي.
حضرت ابو حفص رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: ڇا توکي خبر آهي ته هن توکي ڇو ماريو آهي؟ هن چيو نه. حضرت ابو حفص رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه اُن تي چوٽ ڪندي فرمايو: منهنجو خيال آهي ته جڏهن هو صبح جو گڏهه تي چڙهي ٻنيءَ ڏانهن وڃي رهيو هوندو ڍڳو ان جي اڳيان ۽ ڪتو هن جي پويان هوندو، قرآن هن کي پڙهڻ نه ناهي ايندو تنهنڪري هو ڪجهه ڳائي رهيو هوندو، ايتري ۾ تون هن جي سامهون آيو هوندين هن توکي ڳئون سمجهيو هوندو ۽ تنهنجي مٿي تي ڪا شيءِ هنئي هوندائين شڪر ڪر جو تنهنجو مٿو نه ڦاڙيائين.
(تنبيه الغافلين، باب حق الولد علي الوالد، ص 68)
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ اسان کي اهڙي رسوائي کان محفوظ فرمائي، بهرحال اڪثر نتيجو اهو ئي نڪرندو آهي، جيڪي ماڻهو پنهنجن ٻارن کي*ديني تعليم ناهن ڏيندا * قرآن ناهن سيکاريندا * حديثون ناهن سيکاريندا* فرض علمن کان روڪيندا آهن، اڪثر انهن جو حال اهڙو ئي ٿيندو آهي * اولاد بگڙي ويندي آهي * پوءِ اها ئي اولاد جنهن جي تعليم تي