Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?

Book Name:Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?

  هند جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته مان ڪفر جي اونداهين  ۾ ڀِٽڪي رهيو هئس. هڪ ڏينهن ڪنهن مون کي شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنّت، مولانا محمد الياس عطّار قادري رضوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو رسالو احترامِ مسلم تحفي ۾ ڏنو. مون جڏهن پڙهيو ته حيران ٿي ويس ته جن مسلمانن کي مون سدائين نفرت جي نگاھ سان ڏٺو آهي، انهن جو مذهب اسلام ڪيتري حد تائين امن جو پيغام ڏيندڙ آهي! رسالي جي تحرير، تاثير جو تير بڻجي منهنجي دل ۾ لهي ويو ۽ دل ۾ اسلام جي محبت پيدا ٿي وئي. هڪ ڏينهن مان بس ۾ سفر ڪري رهيو هئس ته ڪجهه ڏاڙهي ۽ عمامي وارن اسلامي ڀائرن جو قافلو به بس ۾ سوار ٿيو، مان ڏسندي ئي سمجھي ويس ته هي مسلمان آهن، منهنجي دل ۾ اسلام جي محبت ته پهريان ئي پيدا ٿي چڪي هئي، تنهنڪري مان انهن کي احترام جي نگاھ سان ڏسڻ لڳس. ايتري ۾ انهن مان هڪ اسلامي ڀاءُ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شان ۾ نعت شريف پڙهڻ شروع ڪئي مون کي ان جو انداز تمام گهڻو پسند آيو منهنجي دلچسپي ڏسي انهن مان هڪ اسلامي ڀاءُ مون سان گفتگو شروع ڪئي، هو سمجهي ويو ته مان مسلمان نه آهيان هن مسڪرائيندي تمام پياري انداز ۾ مون کي چيو مان اوهان کي اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت ڏيان ٿو، مان احترامِ مسلم رسالو پڙهي پهريان ئي اسلام جو شيدائي بڻجي چڪو هئس، ان جي محبت ڀري انداز منهنجي دل تي اڃان وڌيڪ اثر   ڪيو ۽ الحمدلله! مان ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويس. ([1])

تجهيز و تڪفين ايپلي ڪيشن

 اي عاشقانِ رسول! الحمدُلِلّٰه! ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي سمارٽ فون جي ذريعي به علمِ دين عام ڪرڻ جي


 

 



[1]...غافل درزی، صفحہ:25۔