Book Name:Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?
پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪيو! اهڙي خوبصورت انداز سان باڪمال ٻارن جي تربيت ڪئي وئي، اهي ئي اڳتي هلي دنيا جا رهنما بڻيا. صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم کان پوءِ تابعين جو درجو اچي ٿو. اهي تابعين ڪير آهن؟ اهي ئي خوش نصيب فرد، جن جي تربيت صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم ڪئي هئي. صحابه ڪهڙي نموني تربيت ڪندا هئا؟ اهي پنهنجن ٻارن کي نماز جو عادي بڻائيندا هئا، روزن جو عادي بڻائيندا هئا، تلاوتِ قرآن جو عادي بڻائيندا هئا.
ڪاش! اسان کي به اها سعادت ملي وڃي ۽ اسان به پنهنجن ٻارن کي عبادت جو عادي بڻايون ان مان ڇا ملندو؟ ٻڌو!
مولانا نقي علي خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪو عبادت ڪندو آهي *الله پاڪ ان سان محبت ڪندو آهي *ان کي عظمت ملندي آهي *ان جا ڪم سنورجي ويندا آهن *مشڪل ۾ ان جي مدد ڪئي ويندي آهي *دشمن جي شر کان بچايو ويندو آهي *ان جي دل مان وحشت دور ڪئي ويندي آهي *ان کي وڏي همت عطا ڪئي ويندي آهي *ان جي دل ڪشاده ڪئي ويندي آهي، هو علم آساني سان سکي وٺندو آهي * مخلوق جي دل ۾ ان جي محبت وِڌي ويندي آهي *عبادت گذار مُسْتَجَابُ الْدَّعْوَات ٿي ويندو آهي يعني ان جي دعا قبول ٿيندي آهي * عبادت سان روح کي تازگي ۽ طاقت ملندي آهي، طبيبن (Doctors) جي نظر ۾ صحت جي حفاظت جي لاءِ عبادت کان بهتر ڪا به شيءِ نه آهي، جيڪو شخص رياضت ڪندو آهي ان جي دل خوش ۽ بدن چُست رهندو آهي * عبادت گذار موت جي سختي کان محفوظ رهندو * ان کي ايمان تي ثابت قدمي نصيب ٿيندي* هن کي رحمت جي سائي ۾ جڳهه ملندي آهي * ملائڪ ان کي قبر جي عذاب کان بچائيندا ۽ نڪيرين جي سوالن جا جواب سيکاريندا آهن *ان جي قبر وسيع ۽ روشن ڪئي ويندي آهي * قيامت جي ڏينهن ان کي تاج پارايو ويندو * عبادت گذار محشر جي ميدان ۾ بُراق تي