Book Name:Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?
۽ رسول جي محبت سان دِل آباد ڪرڻ لاءِ، توهان به دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو. 12 ديني ڪمن ۾ به زور شور سان حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم ! دنيا ۽ آخرت جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. حديث پاڪ ۾ آهي: اَلْعِلْمُ بِالتَّعَلُّمِ علم سکڻ سان ايندو آهي.([1]) * موجوده دور جي براين مان هڪ وڏي برائي اها به آهي ته ماڻهو علمِ دين کان پري ٿيندا پيا وڃن * ديني ڪتابن پڙهڻ جو ذوق نه هئڻ جي برابر آهي * اڳي دور جا ماڻهو ديني ڪتابن سان تمام گھڻي دلچسپي رکندا هئا * ڏينهن رات ڪتاب پڙهندا هئا *تنهنڪري انهن وٽ ديني تعليم به ڪافي هوندي هئي ۽ سندن زندگي به پاڪيزه گذرندي هئي.
اَلحَمۡدُلله! امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي خصوصيت آهي ته پاڻ به علمِ دين جا شوقين آهن ۽ عاشقانِ رسول کي به ديني ڪتاب پڙهڻ جي ترغيب ڏياريندا رهندا آهن * پاڻ هر هفتي هڪ رسالو پڙهڻ جي تلقين ڪندا آهن * مختصر رسالو هوندو آهي * چند منٽن ۾ پڙهجي ويندو آهي. توهان به پڙهندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻو فائدو ٿيندو * ديني معلومات وڌندي *علمِ دين سکڻ جو ثواب ملندو * ديني ڪتاب پڙهڻ سان دماغ به کُلندو آهي * نظر تيز ٿيندي آهي * حڪمت حاصل ٿيندي آهي * سوچ پاڪيزه ٿيندي آهي ۽* زندگي خوشگوار ٿي ويندي آهي * جديد سائنسي تحقيق جي مطابق ڪتاب پڙهڻ سان دماغي بيمارين کان حفاظت ٿيندي آهي.
هر هفتي پابندي سان هفتيوار رسالو پڙهڻ جي نيت ڪيو! اچو ته ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا.