Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?

Book Name:Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?

الله پاڪ جي پناهه...!! هي انتهائي وڏو ظلم آهي. الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

فَلَا تَقُلْ لَّهُمَاۤ اُفٍّ وَّ لَا تَنْهَرْهُمَا (پارہ:15، سورۂ بنی اسرائیل:23)

ترجمو ڪنزالعرفان: ته انهن کي اُف تائين نه چئجان ۽ انهن کي نه جھڻڪجان

 اللهُ اَڪْبَر! والدين کي اُف چوڻ کان به منع ٿيل آهي ته پوءِ سوچيو! انهن کي تڪليف ڏيڻ، دل ڏکائڻ، انهن سان تيز آواز ۾ ڳالهائڻ، گاريون ڏيڻ ۽ کين مارڻ وغيره جو ڪيڏو نه سخت حڪم هوندو....!!

 مطلب ته والدين جا حق تمام گهڻا آهن، ايترا آهن جو انسان پورا نه ٿو ڪري سگهي. حديثن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته: والدين انسان جي جنت به آهن ته  دوزخ به آهن، جيڪو انهن جي خدمت ڪري، اهو جنتي آهي، جيڪو نافرماني ڪري اهو جهنمي آهي* ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي * پيءُ جنت جي چانئٺ آهي * والدين جي ناراضگيءَ ۾ الله پاڪ جي ناراضگي آهي * والدين جي رِضا ۾ الله پاڪ جي رضا آهي. * جيڪو والدين جو نافرمان آهي ان جي ڪا به عبادت قبول ناهي ٿيندي. اهي والدين جا حق آهن، پر اهي ته ڪجهه به نه آهن. اعلى حضرت امامِ اهلِ سنت، امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  کان پڇيو ويو: والدين جا ڪيترا حق آهن؟ فرمايائون: ايترا جو ادا نه ٿا ٿي سگهجن، ايتري تائين جو جيڪڏهن والدين جو انتقال ٿي وڃي، ته پُٽ جيڪڏهن ڪري سگهي ته کين ٻيهر جيئرو ڪري اهو به سندن حق آهي.  (فتاوى رضويه، 24)

اولاد جا حق پهريان، والدين جا حق بعد ۾

پيار اسلامي ڀائرو! اهو سڀ ڪجهه پنهنجي جڳهه تي بلڪل درست آهي پر مان هتي جنهن ڳالهه جي طرف توجهه ڏيارڻ چاهيان ٿو، اها هي آهي ته والدين غور ڪن * ڇا اسان اولاد جا حق ادا ڪري رهيا آهيون؟ پهرين ذميداري والدين جي