Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?

Book Name:Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?

جي واپسي ۽ فيضانِ رجب شايع ڪيا آهن، اڄ ئي اهي رسالا  مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان  25 روپيا ۽ 20 روپيا  ۾ خريد ڪري پاڻ به مطالعو ڪيو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو! الحمدُ لله! دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ رجبُ المرجب جي مبارڪ ڏينهن ۾ خاص طور تي نفلي روزا رکڻ جو ذهن ڏنو ويندو آهي. ڪيترائي اسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرون هن مبارڪ مهيني ۾ نفلي روزا رکڻ جو اهتمام ڪندا آهن. ان سان گڏ، يوسي سطح تي سحري اجتماع جو به انتظام ڪيو ويندو آهي. سڀني اسلامي ڀائرن کي التجاء آهي ته سحري اجتماع ۾ به شرڪت ڪيو ۽ نفلي روزا رکڻ جي به ڪوشش ڪيو. الله پاڪ اسان سڀني کي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

 اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

 

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام جي طرف آڻيندي، سنت جي فضيلت ۽ زندگي جا چند آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاهِ نبوت صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِیْ فَقَدْ اَحَبَّنِیْ وَمَنْ اَحَبَّنِیْ كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي، ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                           جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

تلاوتِ قرآن سنت آهي

2 فرامين مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: (1): منهنجي امت جي افضل عبادت تلاوتِ


 

 



[1]...تاریخ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔