Book Name:Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?
پيارا اسلامي ڀائرو! هي جيڪي ڳالهيون مون عرض ڪيون آهن، * ٻارن کي ايمان سيکارڻو آهي * قرآن سيکارڻو آهي * ٻارن کي فڪرِ آخرت سيکارڻو آهي* عبادت جو عادي بڻائڻو آهي ٻيون به کوڙ ساريون شيون آهن جيڪي اولاد کي سيکارڻ ضروري آهن * مڪتبة المدينه جو تمام پيارو ڪتاب آهي تربيتِ اولاد هي ڪتاب پڙهي وٺندﺆ ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گھڻي معلومات حاصل ٿيندي.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ٻارن جي تربيت ڪيئن ڪرڻي آهي؟ انهن کي اهو سڀ ڪجهه سيکارڻو ته آهي، پر ڪيئن سيکارڻو آهي؟ ان جي لاءِ هڪ خوبصورت واقعو ٻڌو! امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري ڀِتِ تي نقش و نگار ٺاهڻ جو مقابلو ٿيو. ٻه مختلف ٽيمون هيون. ٻنهي جي لاءِ آمهون سامهون ٻه ڀتيون ٺاهيون ويون، وچ ۾ پردو لٽڪايو ويو، مقابلو شروع ٿيو، هڪ ٽيم وڏي محنت سان ڀت تي گل ۽ ٻوٽا وغيره ٺاهيا، تمام خوبصورت پينٽنگ ڪئي، ٻي ٽيم ڇا ڪيو؟ اها ڀت جيڪا پٿر جي هئي، ان کي رڳڙي رڳڙي صاف ڪيو، ايترو صاف جو اها شيشي وانگر ٿي وئي. جڏهن وقت پورو ٿيو ۽ وچ وارو پردو هٽايو ويو ته هيءَ ديوار جيئن ته بلڪل صاف شفاف شيشي جيان هئي، لهٰذا اهي ئي نقش و نگار جيڪي ٻي ٽيم ٺاهيا هئا اهي ٻي ڀت ۾ صاف نظر اچڻ لڳا.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! اهائي صورتحال آهي، ٻار جي دل ۽ ان جو ڪردار ڪردار وغيره بلڪل شيشي جيان صاف سٿرو هوندو آهي، ان جي شيشي نما ڪردار ۾ اهي ئي گل نظر ايندا جيڪي والدين جي اندر موجود هوندا. لهٰذا بنيادي ضرورت اها آهي ته پهريان پاڻ والدين جي پنهنجي تربيت بهتر ٿئي جڏهن والدين تربيت