Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?

Book Name:Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?

آهي، اولاد جي ذميداري بعد ۾ شروع ٿيندي آهي *ٻار پيدا ٿيو والدين جي ذميواري شروع ٿي وئي *هاڻي جڏهن پُٽ وڏو ٿيندو، بالغ ٿيندو، تڏهن وڃي ان جون ذميداريون شروع ٿينديون، معلوم ٿيو ته پهريان والدين جي ذميداري آهي. تنهنڪري حضرت فاروقِ اعظم، رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ نافرمان پُٽَ جي پيءُ کي فرمايو: پهريان نافرماني تو ڪئي جو هن جي سٺي تربيت نه ڪئي تنهنجي پٽ نافرماني بعد ۾ ڪئي آهي.

اولاد جي تربيت جو  قرآني حڪم

الله پاڪ قرآن پاڪ ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا قُوْۤا اَنْفُسَكُمْ وَ اَهْلِیْكُمْ نَارًا وَّ قُوْدُهَا النَّاسُ وَ الْحِجَارَةُ (پارہ:28، سورۂ تحریم:6) ترجموڪنزالعرفان: اي ايمان وار! پنهنجي جانين ۽ پنهنجي گهر وارن کي ان باهه کان بچايو  جنھن جو ٻارڻ انسان ۽ پٿر آهن.

هي حڪم والدين کي ڏنو ويو آهي، جيئن ئي ٻار پيدا ٿئي، اولاد وارا ٿيا، هي حڪم توهان تي لاڳو ٿي ويو، هاڻي غور ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته ڇا اسان اهو قرآني حڪم مڃيو؟ ڇا اسان پنهنجي اولاد جي سٺي نموني تربيت ڪري رهيا آهيون....؟ * جيڪڏهن ننڍپڻ ۾ انهن جي تربيت ئي چڱي نموني نه ڪئي وئي * ٻار جون عادتون نه سڌاريون ويون * هن کي قرآن نه پڙهايو ويو * هن کي حلال حرام جي تعليم نه ڏني وئي * ٻار جو اٿڻ ويهڻ ڪنهن سان آهي؟* ان جا دوست ڪهڙا آهن؟ * هو جتي پڙهي رهيو آهي اهو ادارو ڪيئن آهي؟* نصاب ڪهڙو آهي * گهر وارن سان هن جو رَوِيو ڪيئن آهي؟ * ٻاهر هن جو رويو ڪيئن آهي؟ انهن سڀني ڳالهين تي جيڪڏهن توجهه نه ڏني وئي ته ٻڌايو! وڏو ٿي هو ماءُ پيءُ جو فرمانبردار ڪيئن ٿيندو....؟ تنهنڪري اسان سڀني کي