Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?

Book Name:Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?

رات ڏينهن هڪ ڪري لکين روپيا خرچ ڪيا هوندا آهن، پنهنجي والدين کي اڻ پڙهيل چئي ڪري طعنا ڏئي رهي هوندي آهي. لهٰذا اسان کي سمجھڻ گهرجي. پنهنجي اولاد کي قرآن سيکاريون، حديثون سيکاريون، ديني تعليم ڏياريون. اهو ٿيندو ڪيئن؟ پريشاني جي ڪهڙي ڳالهه آهي، الحمدلله! دعوتِ اسلامي آهي نه. *ٻار کي مدرسة المدينه ۾ داخل ڪرايو، قرآن ڪريم حفظ و ناظره جي تعليم ڏياريو *دارالمدينه ۾ داخل ڪرايو دنياوي ۽ ديني تعليم ٻئي ملنديون *پوءِ جامعة المدينه ۾ داخل ڪرايو ٻارُ قرآن سکندو، حديثون پڙهندو، علمِ دين سکندو  اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا ۾ فرمانبردار ۽ آخرت ۾ ڪاميابيءَ جو ذريعو بڻجي ويندو.

حافظِ قرآن جي والدين جو شان

پيارا اسلامي ڀائرو! پنهنجي ٻارن کي قرآن جو حافظ بڻايو، قرآن جو عالم بڻايو، قرآن جو عامل بڻايو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! الله پاڪ قيامت واري ڏينهن حافظِ قرآن عاملِ قرآن جي والدين کي عزّتن سان نوزينديو. حضرت بُريده رضي اللہُ عنہُ کان روايت آهي: آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جنهن شخص قرآن پڙهيو، ان کي سکيو ۽ ان تي عمل ڪيو  ته  قيامت جي ڏينهن ان جي والدين کي نور جو اهڙو تاج پارايو ويندو، جنهن جي چمڪ سج  وانگر هوندي ۽ ان جي والدين کي جنت جا ٻه اهڙا لباس پارايا ويندا، جن جي قيمت هيءَ دنيا ادا نه ٿي ڪري سگهي، جنهن تي اهي پڇندا اسان کي هي لباس ڇو پارايا ويا آهن؟ انهن کي چيو ويندو، اوهان جي ٻارن جو قرآن کي مضبوط پڪڙڻ جي سبب. (مستدرڪ: 2132)

اعزاز یہ ہے حافظِ قرآن کو نصیب                                           حافظِ قرآن،  عاملِ قرآن، عالِم قرآن کو نصیب

اس کے والدین کو قیامت کے روز                                 ہو گا خورشید سے بھی روشن تاج نصیب